
لونگ
لونگ: هيءُ هڪ وڻ آهي، جنھن ۾ خوشبودار ڦل ٿئي ٿو. هي انڊونيشيا جو مقامي وڻ آهي، گهڻي وقت کان پاڪستان، هندستان، زنجبار، سريلنڪا ۽ تنزانيه به ۾ ٿيندو رهيو آهي. لونگ جو نباتاتي نالو Syzygium aromaticum آهي، جڏهن ته انگريزي ۾ Clove جي نالي سان سڏجي ٿو. هن جي وڻ جو قد ننڍو، پن ڊگها، نوڪدار ۽ خوشبودار ٿين ٿا. ٻج ڦٽڻ کان وڌي وڻ ٿيڻ کان پوءِ ان ۾ گل ڦٽن ٿا ۽ انهن ئي گلن مان کڙيل ڦل کي سڪايو ويندو آهي ۽ پوءِ ان ڦل کي ’لونگ‘ سڏبو آهي. لونگ گهڻو ڪري اڌ انچ ڊگهو، ڪاراڻ مائل گهري ناسي رنگ جو ٿئي ٿو.
آڳاٽي زماني ۾ مسلمان واپاري هندي سمنڊ وسيلي يورپ توڙي آفريقي ملڪن ۾ لونگ فراهم ڪندا رهندا هئا. نباتاتي ماهرن جو خيال آهي ته لونگ جو وڻ دنيا ۾ آباد قديم وڻن مان هڪ آهي ۽ ان جي موجودگي جا آثار 2000 ق. م مان ملن ٿا. 1602ع کان 1799ع تائين انڊيا ڪمپني'>ايسٽ انڊيا ڪمپني به ٻيٽن تي مشتمل ملڪن: انڊونيشيا ۽ ملائيشيا مان لونگ جو واپار يورپ ۽ هالينڊ سميت ٻين يورپي ملڪن ۾ ڪندي رهي. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي دور ۾ ٻيٽن وارن ملڪن جي سڀني علائقن ۾ جهجهي تعداد ۾ لونگ جا وڻ پوکيا ويا. لونگ قديم دؤر کان مختلف کاڌن ۾ مصالحي طور استعمال ٿيندو رهندو آهي. ڪن ملڪن ۾ منھن جي تازگيءَ لاءِ لونگ چٻائڻ جو رواج عام هو. طب جي لحاظ کان لونگ (لونگ جي تيل) ۾ 72 کان 90 سيڪڙو يوجينول (Eugenol) هوندو آهي، جيڪو جسماني بيمارين جي علاج لاءِ بھترين سمجهيو وڃي ٿو. هي معدي کي قوت بخشي ٿو، پيٽ جي سور لاءِ مفيد آهي. ساهه ۽ هرنيا جي بيماري ۾ لونگ جي استعمال سان فائدو ٿيندو آهي. ان کانسواءِ ذيابطيس جي مرض ۾ لونگ انسولين ۾ تحرڪ پيدا ڪري سڻڀ ۽ گلوڪوز جي سطح کي 10 کان 30 سيڪڙو گهٽائيندو آهي. دفاعي قوت وڌائيندو آهي. ڪينسر جي مرض کان بچائيندو آهي. لونگ جو تيل حافظي کي بھتر بنائڻ ۽ ڏندن جي بيمارين ۾ پڻ مفيد سمجهيو وڃي ٿو.