لونگ فقير مڱڻهار

لونگ فقير مڱڻهار

لونگ فقير مڱڻهار

لونگ فقير مڱڻهار: لونگ فقير مڱڻھار حيدرآباد ۾ ٽئين نمبر تلاءُ جو رهندڙ هو. هُو پنھنجي دور جو مشھور ڍولڪ نواز هو. حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي اسٽاف آرٽسٽ طور پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنائين. سندس ڀاءَ بسنت فقير شھنائيءَ جو واڄارو ته ٻيو ڀاءَ فقير امام ڏنو، ڪلارنٽ نواز هو. لونگ فقير 1976ع ۾ وفات ڪئي. سندس اولاد ۾ مشھور فنڪار استاد محمد يوسف ۽ سجاد يوسف شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو