لنڊ

لُنڊ: هي بلوچ قبيلو آهي، جنھنجو حسب نسب رندن مان مير چاڪر اعظم جي ڀائٽي علي بن ريحان مان آهي، ڊينزل اُبٽن لُنڊن کي خالص بلوچ نسل مان نٿو ڄاڻائي. هن جو چوڻ آهي ته بلوچن جا ٻيا به ڪيڙ ۽ جابلو ماڻهو منجهس شامل ٿي ويا آهن. هنن وٽ پڻ سرداري نظام آهي. لُنڊ لفظ جي لغوي معنيٰ ڦرڻ-لٽڻ آهي. افغانين سان وڙهي علائقا هٿ ڪيائون. هي بلوچ ٻن وڏن قبيلن ۾ ورهايل آهن، هڪڙا سوري لنڊ جيڪي امير سوري لنڊ جو اولاد آهن. صوبي سرحد (موجوده خيبر پختونخواهه) ۾ سوري لڪ ۽ ڪنڊيوال نالي ٻن قلعن ۾ آباد هئا. حيدراڻي پاڙي تي سندن پڳ هئي، ڪي زمانا اڳ پنھنجي وطن کي ڇڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا. هنن جا خاص پاڙا آهن: اوراڻي، ٺينگاڻي، چاڪراڻي، حيدراڻي، دوداڻي، ڏنگاڻي، زرياڻي، زريناڻي، بڪراڻي، صادقاڻي، طالباڻي، گرزواڻي، گورچاڻي ۽ نوهاڻي. ٽبي لنڊ، جن کي ڏکڻ وارا لُنڊ چوندا آهن. هي مڪران کان سنڌ ۾ آيا هئا، هنن جا خاص پاڙا آهن: پتافي، رند، رندڪاڻي، شاهاڻي، ڪنڍاڻي، کوسا، لُنڊ ۽ ميواڻي.
ٽالپرن جي دور ۾ لُنڊن وٽ جاگيرون هيون ۽ سرداري پڳ ’ميواڻي‘ شاخ تي هئي. هن وقت سنڌ ۾ ٻنهي وڏين شاخن ۽ انهن جي پاڙن ۾ عزازت جي ميل جول ڪري هڪجھڙائي ٿي ويئي آهي،
جيڪي بلوچي ۽ سرائي ڳالهائين ٿا. ڊومڪي بلوچن جي هڪڙي پاڙي جو نالو پڻ ’لُنڊ‘ آهي، جيڪي پاڻ کي ’لُنڊ‘ چوائين ٿا. لنڊن جا ٻيا ڪجهه پاڙا هن طرح آهن: باطلا، جاداڻي، جعفراڻي، سنجراڻي، صادقاڻي، فريداڻي ۽ گادواڻي.


لفظ لنڊھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو