لمبري تلاءُ: هيءُ تلاءَ ضلعي سکر ۽ خيرپور جي سرحد تي چونڊڪي کان کاٻي طرف پٿريلي ۽ وارياسي رستي تي واقع آهي. تلاءُ اٽڪل 10 فوٽ گھرو آهي. تلاءُ جي ڀرسان هڪ قديم مسجد پڻ آهي. تلاءَ ۾ ڪل 12 ڏاڪڻيون آهن، جن وسيلي هيٺ لھي سگهجي ٿو. تلاءُ جي اترئين پاسي کان مال کي پاڻي پيارڻ لاءِ پٿر ۽ سيمنٽ جي آنھه ٺھيل آهي، جنھن کي مقامي ماڻهو ’کيل‘ چون. هيءُ تلاءُ انگريزن جي دؤر ۾ 1865ع ڌاري خيرپور رياست جي والي مير علي مراد خان ٽالپر، ٽڪر جي ماڻهن ۽ مال جي سھولت لاءِ ٺھرايو. هن تلاءُ تي فارسيءَ ۾ تَلاءُ ٺاهيندڙ مستري سروپه ڪجدر جيسلمير، تلاءُ ٺاهڻ جي تاريخ 7 جمادي الثاني 1282هه/1865ع ۽ لاڳت پنجاهه هزار روپيا“ لکيل آهي. هيءُ تلاءَ ٽڪر مان نڪرندڙ نئين جي پاڻيءَ سان ڀربو آهي، هتي هن علائقي ۾ تلور، ٻاٽيٻڙ ۽ ٻيا پکي گهڻو اچي ٿو.