لـُـلـُـرياڙي لو

لـُـلـُـرياڙي لو: لُلر ڀاڄيءَ طور استعمال ٿيندو آهي ۽ مال به ان کي کائيندو آهي. لُلر پٽيندڙ/چونڊيندڙ عورت کي ”لُلرياڙي“ چئبو آهي، هي هڪ ٿري رومانوي لوڪ گيت آهي، جيڪو ساوڻ رُت ۾ ڳائبو آهي. هيءُ گيت عمرڪوٽ ۽ ڇاڇري تعلقن جي اُترين ڀاڱن، کاهڙ ۽ جوڌپور رياست جي ’ڇھوٽڻ‘ وارن ڀاڱن ۾ رائج آهي. هيءُ گيت ٿري محاوري ۾ چيل آهي ۽ اڪثر وسڪاري جي مند ۾ ڳايو ويندو آهي. هن گيت جي وراڻي ’لـُـلرياڙي لو‘ ڳائڻ وقت ڀراءُ طور ڪم اچي. ’لـُـلر‘ هڪ ننڍڙو ٻوٽو آهي.
هن لوڪ گيت ۾ ڏيکاريل آهي ته ملڪ ۾ مينھن گهڻا پيا آهن، ٻنين ۾ فصل پچي تيار ٿي ويو آهي. اَن، گدريون ۽ ڇانھان جام ٿيا آهن، چوپايو مال جـُـوءِ ۾ کُليو پيو چري. ملڪ ۾ گاهه گهڻو ٿيو آهي. سانگيئڙن لاءِ سُک ٿي ويا آهن.
کيتـَـر پچي کوڙ ٿيا، او لـُـلـُـرياڙي لو...
(کيٽ پچي کري ۾کوڙ ٿيا)
تينا، ڪـَـچرين، ڪوڪلا، او للرياڙي لو...
(ميھا، ڪچريون ۽ ڪوڪلا به ٿيا آهن)
ڪاڙينگان سين قرب مان جو، او للرياڙي لو...
(ڇانھين سان مونکي قرب آهي)
پاساڙان ۾ پـِـپان نـِـسرين، او للرياڙي لو...
(ڀٽن جي پاسن ۾ پپون ڦٽيون آهن)
ڪـَـڻان سين ڀريا ڪڻسارا، او للرياڙي لو...
(اَن جي داڻن سان پـَـليون ڀرجي ويون آهن)
ڇيڪ چري ٿو مال مڙهان ۾، او للرياڙي لو...
(مال جهنگ ۾ کُليو چري ٿو)
کير کٽا آهن کاهڙ ۾، او للرياڙي لو...
(کاهڙ ۾ کير ۽ لسي جام آهن)


هن صفحي کي شيئر ڪريو