لـَليا پتڻ: هي قديم پتڻ، دادو ضلعي ۾ ’لليا پتڻ‘ جي نالي سان موجود آهي. لليا ڳوٺ قديم زماني کان سنڌوءَ جي ڪناري تي موجود آهي. درياهه ڪڏهن ڳوٺ سان اچي گڏبو هو، ته ڪڏهن سڏ پنڌ پَر ڀَرو وهندو هو. لليا تي اهو نالو پوڻ بابت روايت آهي ته ڄام للو هن پرڳڻي جو حاڪم هو، جنھن هي ڳوٺ ٻڌايو. هي پتڻ دادو ۽ موري شھر کي پاڻ ۾ ملائيندو هو، پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ ٻنهي شھرن کي ملائڻ جي واحد سھولت هي پتڻ ئي هو، جنھن ذريعي ماڻهو اچ وڃ ۽ واپار توڙي چوپائي مال جي خريداري ۽ وڪرو ڪندا هئا. 1966ع ۾ سرڪار پاران هتي پٿرن جي پل تعمير ڪرائي وئي هئي. 1974ع ۾ هتي شھيد مخدوم بلاول نالي سان پُل (دادو- مورو پل) جو تعميراتي ڪم شروع ٿيو، جيڪا پُل 1984ع ۾ ٺھي راس ٿي، جنھن کان پوءِ لليا پتڻ جي اهميت ختم ٿي وئي.