لـمڪيان ڙي لو

لـَمڪيان ڙي لو: هيءُ لوڪ گيت ٿر ۽ عمرڪوٽ جي علائقي ۾ رائج آهي. ڏٿ چونڊڻ وقت زالون اڪيلي سر يا ٻه - چار ڄڻيون گڏجي ڳائينديون آهن. هن گيت جو موضوع ’ساهيڙيءَ جي سڪ‘ آهي، گيت جي رائج ٿيڻ بابت هڪ قصو بيان ڪيو ويندو آهي ته ڪنھن زماني ۾ تعلقي عمرڪوٽ جي ’ماروهر‘ ۽ ’ميگهار‘ ڳوٺن ۽ ان جي آسپاس گهڻي وسندي هئي. هڪ ڀيري اتي جون ڪي ڇوڪريون گڏجي ڏٿ گڏ ڪرڻ لاءِ آسپاس ۾ جهنگ ڏانھن ويون. اتي پھچڻ کان پوءِ هو جهنگ ۾ ٽڙي پکڙي ويون. انهن ڇوڪرين ۾ ’مـُـھت‘ نالي هڪ سھڻي ڇوڪري هئي، جيڪا هلندي هلندي ڳوٺ کان گهڻو پري نڪري ويئي.
انهن ڳوٺن جا ڪيترائي جوان ’مُھت‘ تي عاشق هئا، پر هوءَ انهن ڏانھن نھاريندي به ڪونه هئي. جهنگ ۾ جڏهن مـُـھت سھيلين کان گهڻو پري نڪري وئي، تڏهن ڪيترا ئي ڇوڪرا سندس پويان لڳا، جن ۾ ’ساجن‘ نالي هڪڙو ڇوڪرو به شامل هو، جنھن جي جذبن کي پڻ مـُـھت ناڪام بنائي ڇڏيو هو. ’مـُـھت‘ هڪڙي ڪنڊيءَ تي چڙهي سڱريون پٽي رهي هئي ته ڪيترائي ڇوڪرا چوڌاري ڦـِـري ويس. ’مـُـھت‘ هنن کي ڏسي گهٻرائجي وئي. کين آزيون نيزاريون ڪرڻ لڳي، پر هڪڙي نوجوان کيس ٻانھن مان جهلي سوگهو ڪيو. ان تي ساجن کي مـُـھت جي شرافت ۽ بيوسيءَ جو احساس ٿيو، هن سٽ ڏيئي مـُـھت کي هنن کان ڇڏائي، پنھنجي پٺيان بيھاري، پاڻ ڇوڪرن کي سامهون ڍال بڻجي بيھي رهيو ۽ پنھنجي سنگتين کي جُٺ ملامت ڪرڻ لڳو. اهو حال ڏسي ساجن جا دوست ڪاوڙجي پيا ۽ ساڻس وڙهڻ لڳا. ساجن به مڙس ٿي منھن ڏنو ۽ ٻن چئن کي ڪيرائي وڌائين، پر آخر ساڻو ٿي ڪري پيو.
انهيءَ وچ ۾ مـُـھت وجهه وٺي، ڀڄي وڃي سرتين سان ملي. شام جو موٽندي سڀئي سھيليون اتان اچي لنگهيون، جتي ساجن رت ۾ ڳاڙهو، بيھوش ٿيو پيو هو. اهي ساجن کي هھڙيءَ حالت ۾ ڏسي ڊڄي ويون ۽ تڪڙيون هليون ويون. مـُـھت ۽ ساران پويان پئي آيون، سي بيھي رهيون. مـُـھت هڪدم پنھنجيءَ سانداريءَ جو منھن کولي، ساجن کي پاڻيءَ ڍڪ پياريو ۽ پوءِ پنھنجي چُنيءَ جي پلؤ سان هن جو رت اگهڻ لڳي. ٿوريءَ دير کان پوءِ، ساجن ڪجهه هوش ۾ آيو، پر هيڻائيءَ سبب اُٿي ڪين سگهيو. نيٺ ٻي ڪا واهه نه ڏسي، مـُـھت ۽ سندس سھيلي ’ساران‘ ساجن کي جهوليءَ ۾ کڻي اچي ڳوٺ وٽ ڇڏيو.
ساجن کي به منع ڪري ڇڏيائين ته ڪنھن سان به اها ڳالهه نه ڪري. ساجن مھينو کن پيو هو. انهيءَ عرصي ۾ مھت اڪثر وٽس ويندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ساران کي به خبر لھڻ لاءِ موڪليندي هئي. مھت کي هاڻي ساجن سان پيار ٿي ويو هو ۽ جڏهن ساجن چاڪ ٿي بستري تان اُٿيو، ته هو ٻئي هڪٻئي سان لِڪي لِڪي ملڻ لڳا، پر هنن جي عشق جي ڳالهه جلد ئي سڄي ڳوٺ ۾ ظاهر ٿي ويئي. ساجن جا ويري ته اڳ ۾ ئي انهيءَ تاڙ ۾ هئا، تنھنڪري هنن سندن اهڙي ته گلا هلائي، جو ٻنهي جو گهر کان ٻاهر نڪرڻ بند ڪيو ويو.
مُھت جي مائٽن هن جو سڱ ٻاهرين عزيزن ۾ ڪري، کيس ونواهه ۾ وهاريو. شاديءَ جي رات گهوٽيتا ڄڃ وٺي اچي لٿا. مُھت پنھنجي سھيليءَ ساران کي گهرائي ساڻس دل جو حال اوريو، جنھن ساجن سان ڳالھه ڪئي ۽ پوءِ مھت، ساران جي مدد سان شادي ٿيڻ کان ٿورو اڳ اچي ساجن سان ملي ۽ ٻئي هميشه لاءِ ڳوٺ ڇڏي هليا ويا ۽ وري ڪڏهن به نه وريا. ڪنھن کي به ڪل ڪانه پئي ته ڪيڏانھن ويا. ڪي ڏينھن گذريا ته ساران کي پنھنجي سھيلي ياد پيئي ۽ هن کيس ساريندي هڪ گيت آلاپيو، جو پوءِ ’لمڪيان ڙي لو‘ جي نالي سان عام مشھور ٿيو.
ڳائڻ ۾ هن گيت جي طرز ذري گهٽ ’جمالي‘ سان ملي ٿي، پر جمالو تـِـکي لئي ۾ ڳائبو آهي، ۽ هي گيت ڪجهه ڍرو ڳائبو آهي، پڇاڙيءَ ۾ ’ڙي لو‘ بنھه آهستي چوندا آهن. پڇاڙيءَ واري وراڻي ’لمڪيان ڙي لو‘ به ’جمالي‘ وانگر چون. ’لمڪيان‘ جي معنيٰ آهي ’لمڪي يا لڏي نڪرڻ يا لوڏ سان هلڻ‘. اهو اشارو ساجن ۽ مـُـھت جي آهستي آهستي يعني لـَـمڪي لـُـڏي نڪري وڃڻ ڏانھن آهي. هن گيت جي مختلف ڳوٺن جي عورتن وٽ الڳ روايت ۽ سٽاءُ آهي، جن مان هڪ نمونو هي به آهي:
سرڪـِـي نڪتو ’ساجنيو‘، او - لـَـمڪيان ڙي لو!
پٺيان تنھن جي ’مـُـھت‘ موچاري - لـَـمڪيان ڙي لو!
ڪنھن نه پروڙيو ڪير آهن - لـَـمڪيان ڙي لو!
رات انڌاري ڪاري ڪاري - لـَـمڪيان ڙي لو!
محبت وئينءَ مـُـھت ملهائي - لـَـمڪيان ڙي لو!
راڄ نه توکي روڪي سگهيا- لـَـمڪيان ڙي لو!
ساران توکي ساري ٿي - لـَـمڪيان ڙي لو!
(لوڪ گيت سھڙيندڙ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)
لـَـمڪيان ڙي لو (لوڪ گيت): شادي وهانوَ جو هي لوڪ گيت هندو عقيدي جون عورتون چونريءَ ڦيرڻ جي موقعي تي ڳائينديون آهن. چونريءَ جي منڊپ کي ٻائوريءَ جي ڪاٺين ۽ مٽيءَ جي ٿانون سان تيار ڪري اندر ٻاهر گلن، روشنين ۽ جهنڊين وغيره سان سجايو ويندو آهي. چونريءَ جي رسم ۾ منڊپ جي بلڪل وچ ۾ پنڊت باهه ٻاري ويد منتر پڙهندي، باهه ۾ گيھه، جَوَ ۽ تِر وجهندو آهي، جنھن کي ’هَون‘ چئبو آهي. ڪنوار ۽ گهوٽ ’هَون‘ جي چوڌاري ڦيرا ڏيندا آهن. چونريءَ جا چار ڦير ٿيندا آهن. ٽن ڦيرن ۾ ڪنوار اڳيان هوندي آهي ۽ گهوٽ پويان ۽ آخري چوٿين ڦيري ۾ گهوٽ اڳيان ۽ ڪنوار پويان هلندي آهي. گيت جا ٻول هن ريت آهن:
پھلي ڦيري ٻائي ري مانهجي ري اڪن ڪنواري
ٻيجي ڦيري ٻائي سانهجي ڪاڪا ري ڀتيجي
تيجي ڦيري ٻائي مانهجي ماماري ڀانجي
چوٿي ڦيري ٻائي مانهنجي هوئي پرائي
(پھرئين ڦيري ٻائي منھنجي اڻ ڇُھي ڪنواري، ٻئي ڀيري منھنجي ڪاڪي جي ڀائيٽي ٽئين ڦيري ٻائي منھنجي مامي جي ڀاڻيجي، چوٿين ڦيري ٻائي منھنجي ٿي پرائي)


هن صفحي کي شيئر ڪريو