لعل محمد چانڊيو، صوفي: صوفي لعل محمد ولد شفيع محمد چانڊيو 1933ع ڌاري ڳوٺ بچل خان چانڊيي، حيدرآباد ۾ ڄائو. مقامي مڪتب ۾ پڙهي، طب جي سند حاصل ڪري، ماڻهن جو علاج شروع ڪيائين. هن نثر توڙي نظم ۾ 1960ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي. تصوف جي موضوع تي سندس ٽي ڪتاب ’ڳالهيون من اندر جون‘ (1978ع)، ’جيڪي مون سمجهيو‘ ۽ ’تصوف جو پيغام‘ (2002ع) ۾ ڇپجي چڪا آهن. سندس ڪلام ڪيترن ئي فنڪارن ڳايو آهي. هن 24 مئي 2012ع تي وفات ڪئي.