
لعل بخش جسڪاڻي
پروفيسر لعل بخش جسڪاڻي، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپور جي ڳوٺ جسڪاڻيءَ ۾ پھرين جنوري 1947ع تي قائم خان جسڪاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ايم. اي (سماجيات) سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڪيائين. 1972ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سماجيات (سوشيالاجي) شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ يونيورسٽيءَ جي پھرئين تحقيقي تدريسي مرڪز، پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي پھرئين استاد طور شامل ٿيو. هيءُ سنڌي ۽ انگريزي ٻولين ۾ تحقيقي مقالا لکندو رهيو آهي، سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’سماجيات جو تعارف‘، ’جي. ايم سيد ۽ انقلابين جي صدي‘، ’عمر سڀ عشق سين‘، ’غلام رباني آگرو‘ (سوانح)، ’منھنجي سنڌ جا ساڃاحه وند‘، ’Arts & Crafts of Sindh ‘، ’ ’Sindh Studies: Culture & History ‘ ۽ ’ Archeology of Sindh‘ شامل آهن.
1947.01.01 عيسوي
لعل بخش جسڪاڻي ڪوٽڏيجيءَ کان ڇهه ڪلوميٽر اولهه طرف ڳوٺ جسڪاڻيءَ ۾ پهرين جنوري 1947ع تي قائم خان جسڪاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو .