لطيف جمال

لطيف جمال

لطيف جمال

لطيف جمال: لطيف جمال جو اصل نالو ’مُحمد چانڊيو‘ آهي، پر کيس ’نالي مٺو‘ سڏيو وڃي ٿو. هُو ضلعي دادو ۾ پاٽ شريف ويجهو ڳوٺ دٻي ۾ 1972 ۾ پيدا ٿيو. هي اٺين ڪلاس ۾ هو ته سنڌ ۾ ٻارڙن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم ’لطيف سنگت‘ ۾ شامل ٿيو، جتان ئي کيس سنڌ جي سياست، ادب ۽ شاعريءَ سان انسيت پئدا ٿي. لطيف جمال لکڻ جي شروعات ٻارڙن جي رسالن کان ڪئي. ماسٽرس سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڪيائين. هُن لکڻ سان گڏ مختلف اخبارن ۾ جھڙوڪ ’سرواڻ‘، ”سنڌو“، ’عبرت‘ ۽ ’خلق‘ اخبار ۾ به ڪم ڪيو. هو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران ’جساف‘ جو مرڪزي عھديدار پڻ رهيو. هُن ’برسات‘، ’آرسي‘، ’ڪينجهر‘، ’عبرت اخبار‘ ۽ ’ڪاوش‘ لاءِ مختلف موضوعن تي سوين مضمون لکيا آهن. پيشي جي لحاظ کان هو سماجي شعبي ۾ مختلف اين جي اوز ۾ اهم عھدن تي ڪم ڪندو رهيو آهي.


لفظ لطيف جمالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو