لطف علي شاهه جهانيان: سيد لطف علي شاهه نقوي 18 مئي 1924ع تي ٽنڊي جھانيان حيدرآباد ۾ ڄائو. مئٽرڪ پڙهي پوءِ فارسي ۾ طب پڙهيو ۽ وڌيڪ ڄاڻ لاءِ دهلي ويو، جتان 1944ع ۾ ’ڪامل الاطباء‘ جي سند وٺي آيو. علم طب، مصوري، شڪار، شاعري، موسيقي تي لکڻ سان گڏ ريڊيائي ناٽڪ ۽ فيچر به لکيائين. مصوريءَ ۾ بين الاقوامي شھرت يافته بنگالي مصور ايس. ڊي. ٺڪر کان فن سکيائين. ننڍي عمر کان شاعري ڪيائين. ’سنڌ جي مدنيت‘، ’جڙائو صنف‘، ‘ڪافي‘، ’آدمخور شينھن جو شڪار‘، ’ڪلاسيڪي راڳ‘، ’ملهه ۽ ٻلهاڙو‘ سندس ڪتاب آهن.
1924.05.18 عيسوي
سيد لطف علي شاهه نقوي 18 مئي 1924ع تي ٽنڊي جھانيان حيدرآباد ۾ ڄائو.