لسِي/انگڙو (ڌنارڪو اوزار): هي ڏاٽي نما لوهي اوزار ٿئي، جيڪو ڏاٽي وانگر مڙيل ۽ هن جي ڊيگهه وڌ ۾ وڌ هڪ فوٽ ٿئي ٿي. هن ۾ ڏهه ٻارهن کن فوٽ ڪاٺ جو ڊگهو ڳن لڳل هوندو آهي. ڌنار ۽ مالوند ماڻهو زمين تي بيھي ڳن اُڀو جهلي وڏن وڻن مان پلڙا ۽ پن روڙي پٽ تي ڪيترائي مال کي چاريندا آهن. ٿر ۽ ڪوهستان ۾ ڏُڪار دوران زميني گاهه سُڪي ويندو آهي ته ڊگهن وڻن مان مال لاءِ چارو لسيءَ ذريعي حاصل ڪيو ويندو آهي. ٿر ۾ هن کي ڏانٽي/ڏانتري پڻ سڏيو ويندو آهي.