لاکيڻي لوئي

لاکيڻي لوئي (لوڪ گيت): هيءُ لوڪ گيت گهڻو ڪري شادين ۾ ڳايو ويندو آهي. هن لوڪ گيت ۾ ’لوئي‘ يعني ’شال‘ لفظ کي علامت طور استعمال ڪيو ويو آهي. سنڌ جي ڪن ذاتين ۽ خاص ڪري ڪڇ جي ريٻارين جون پرڻيل عورتون لوئي پائينديون آهن. لوئي عورت جي ڀَرم ۽ پاڪيزگيءَ جو اهڃاڻ سمجهي وڃي ٿي. هن ئي گيت ۾ ’لک نه مَٽ لوئيءَ جو‘ فقرو استعمال ٿيو آهي. عورت چوندي آهي ته جيڪا لکن جو مَٽ لوئي مون کي منھنجي مڙس رڱائي ڏني آهي، ان جو ملهه ڪنھن به قيمت برابر ڪونه آهي.“ سندس ورَ کيس شاديءَ جي رات جيڪا لاکيڻي لوئي ڏني آهي، ان کي ڪنھن مـُلهه سان نه ٿو ڀيٽي سگهجي. آخري ٻن سٽن ۾ هوءَ چوي ٿي ته اها لوئي کيس پنھنجي مڙس سان گڏ رهڻ ڪري حاصل ٿي آهي.
هيءَ منھنجي لاکيڻي لوئ
مارُو تو رات رڱائي لوئي
لوئيءَ جو ملهه ناهي ڪو مَٽ
مارُو تو رات رڱائي لوئي.
هيءَ منھنجي لاکيڻي لوئي!
رڱ واري رڱي ڪتڻ واري ڪتي
لاک نه مٽايو رنگ
مارو تو رات رڱائي لوئي
پنجن سوَن جو پٽورو
لک وڪاڻي لوئي
مارو تو رات رڱائي لوئي
هيءَ منھنجي لاکيڻي لوئي.


لفظ لاکيڻي لوئيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو