لاکو ڍورو
لاکو ڍورو: هن ڍوري ۾ ڏهن فوٽن جا هم چورس پاڻيءَ جا چشما آهن. پاڻيءَ ۾ گندرف جي موجودگيءَ سبب هتي چمڙيءَ جي بيمارين جا مريض وهنجڻ ايندا آهن. وهنجڻ وقت هن پاڻيءَ جو نمونو صابڻ ۽ شيمپو وانگر جهڳ ڪري ويندو آهي. هي چشما کيرٿر جبل جي اتر اڀرندي ڪنڊ تي واقع آهن.