لاکو ڄاڃي

لاکو ڄاڃي

لاکو ڄاڃي

لاکو ڄاڃي (پکي): هن جو انگريزي نالو Greater flamingo/ Phoenicopterus zosues آهي. هي پکي 145 سينٽي ميٽر جسامت رکي ٿو. هن جا نر ۽ مادي هڪجھڙا ٿيندا آهن. هن جون ٽنگيون سنهڙيون ڊگهيون، ڳچي ڊگهي، کنڀ گلابي اڇا، پيرن جون آڱريون ڳنڍيل ۽ چھنب مڙيل ڪنڊيدار ٿئي. ٿس نالو سندس رنگت سبب مٿس لاکو ڄاڃي نالو پيو. پر ڪي ماڻهو هن کي ’لاکي پير‘ ته ڪي ’لاکي ڦلاڻي‘ جو ڄاڃي سمجهن ٿا. هن پکي جو هڪ ٻيو قسم به آهي جيڪو ’لاکو ڄاڃي ننڍو‘ جي نالي سان سڏجي ٿو. لاکي ڄاڃي وڏي ۽ ننڍي ۾ ڪجهه وصفن جو فرق آهي. جسامت ۾ ننڍو ٿئي ٿو. هي پکي مٺي توڙي کاري تانگهي پاڻي ۾ جهاڳي مڇي، ڏيڏر، جهينگا، ٻيا جيت ۽ ننڍا ٻوٽا کائيندو رهندو آهي. هڪ ڍنڍ کان ٻئي ڍنڍ ڏانهن ولر جي صورت ۾ اڏار ڪندا آهن. اڏامڻ مھل ڳچي اڳتي ۽ پير پوئتي نڪتل هوندا آهن. هن جو آکيرو ڍنڍن ۾ مٽيءَ جي دڙي وانگر ۽ مٿان کان سوراخدار هوندو آهي. ڏکڻ ايشيا، عرب اُپٻيٽ ۽ آفريڪا جي ڍنڍن ۾ ملي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو