لاکو پير لطف الله

لاکو پير لطف الله: پير لطف الله'>لاکو پير لطف الله پنهنجي دؤر جو هڪ وڏو بزرگ ۽ اهم شاعر ٿي گذريو آهي. لاکو لطف الله مخدوم نوح سرور رح جو سڳو پوٽو ۽ مخدوم امين محمد جو پنجون نمبر فرزند هو. جيئن ته لاکو لطف الله مخدوم نوح سرور رح جي وفات (27 ذوالقعد 998هه مطابق 17 سيپٽمبر 1590ع) کان پوءِ ڄائو هو. ان ڪري سندس نالو مخدوم نوح جي اصل نالي لطف الله جي نسبت سان لطف الله رکيو ويو. لاکي لطف الله جي جنم جو سال مؤرخن اندازاً 1591ع ڄاڻايو آهي. حضرت نوح سرور رح جو سڄو ڪٽنب هالا ڪنڊيءَ (پراڻن هالن) ۾ مقيم هو. لاکو پير به اتي ڄائو، نپنو ۽ وڏو ٿيو. مٿس حضرت نوح وارو ساڳيو نالو هئڻ ڪري کيس ادب وچان لاکو يا لاکيڻو سڏيندا هئا، ۽ اهو لقب لاکي لطف الله پنھنجي شاعريءَ ۾ تخلص طور به ڪم آندو آهي. ان ڪري، ڪن محققن غلطيءَ وچان سندس ذات لاکو لکي آهي. جيڪا حقيقت نه آهي. اصل ۾ اها غلط فھمي ان ڪري عام ٿي، جو مخدوم نوح جي والده لاکا ذات مان هئي ۽ خود لاکي لطف الله لاءِ به روايت آهي ته هن بزرگ لاکا ذات مان شادي ڪئي هئي. ان ڪري ماڻهو کيس لاکن وارو پير سڏيندا هئا. حقيقت ۾ لاکو ۽ لاکيڻو لفظن جي معنيٰ لکن جو مٽ يا سھڻن لکڻن/ لڇڻن وارو آهي.
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ پنھنجي ڪتاب ’ڪافي‘ ۾ ڄاڻايو آهي ته (مخدوم نوح رح) شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي عرض ڪرڻ تي پنھنجي فرزند ميين سلطان کي لاڙ موڪليو ۽ پنھنجي پوٽي لاکي لطف الله کي غلام رسول نالي مريد جي عرض ڪرڻ تي جهرڪن طرف موڪليو. لاکي لطف الله لاءِ مشھور آهي ته هن پنھنجو آستانو موجوده ٺٽي ضلعي جي شھر جهرڪن ويجهو ٺاهيو. جتي اڄ به سندس مقبرو ۽ مزار موجود آهي. درگاهه تي ميلي جي موقعي تي سماع ٿيندو آهي. شاهه جي رسالي (گنج) ۾ شامل بيتن ۾ لاکو، لاکو لطف الله ۽ لطف تخلص ڪم آندل آهن.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ’رسالي جو ڪلام‘ ۾ لاکي لطف جو مختصر احوال سان گڏ لاکي پير لطف الله جا هيٺيان بيت ڏنا آهن:
کِرڪَن کجاياس، ٻيلي پاس ٻُرن، جي،
ڇڻڪن جي ڇيڄ ڪيا، تن واري ويھه وڌياس،
’لاکو لطف الله‘ چئي، اچي آب گهڙياس،
سرتيون ڪنھن سڀاڳ کي، سڪڻ آئون سکياس،
وسان ٿي ويياس، مليس جان نه ميھار کي.
سُر سھڻي
مَ چئو ماٺِ جُڳاءِ، ڪَرهه مَ ڪميڻين جيئن،
ليلان ’لطف الله‘ چئي، پاند ڳچيءَ ۾ پاءِ
ته ڍڪي ڍول سنداءِ، اَوڳڻ اڳيان پويان.
سُر ليلان
اَنگوريون ۽ ڪيتڪيون، ڦوليون ڦڳڻ مانھه،
رِءُ لالڻ ’لاکو‘ چوي، سي آءُ ڪريان ڪانھه،
جي سڄڻ هُئي مون ٻانھه، ڦل پَسيو ڦولي هينئون،
سُر بسنت
اَنگوريون ۽ ڪيتڪيون، ڦوليون ڦڳڻ هيل
لالڻ رءُ ’لاکو‘ چوي، سي آءُ ڀانئيان سيل،
جي سڄڻ هوئن ٻيل، ته ڦل پَسيو ڦولي هينئون.
(سُر بسنت)
لاکي لطف الله جو ڪلام سورٺي ۽ بيت جي سٽاءَ ۾ ملي ٿو. سندس ڪلام ۾ هڪ وائي به ملي آهي. لاکي پير جو هڪ آستان ڪڇ ڀُڄ ۾ به آهي. جتي هڪ مقبرو ٺھيل آهي. جتي مريد سلاميءَ لاءِ ويندا آهن. سندس ٽيون آستان ڪراچيءَ ويجهو ڪاٺوڙ ۾ آهي. سندس چوٿون آستان لسٻيلي ۾ وندر طرف وٽ آهي. جتي حسن پير جي درگاهه موجود آهي. هڪ روايت موجب سندس پنجون آستان حيدرآباد دکن ۾ به آهي. لاکي پير جي طريقت جو سلسلو سھروردي اويسي هو ۽ سماع سھروردي طريقي جي سڃاڻپ رهيو آهي. لاکي پير جا 8 ڀائر هئا. سندس اولاد مان پير ميان مٺن، ڀاون علي شاهه حلفيءَ وارو، ميان محمد شاهه، پير ڀاون شاهه ثاني، پير ميان تقي، پير ميان محمد هاشم سھري وارو وغيره اچي وڃن ٿا. سندس اولاد کي ”لاکيپوٽا پير“ سڏيو وڃي ٿو.


لفظ لاکو پير لطف اللهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو