لاکا بندر

لاکا بندر: سنڌو درياهه جو هي آڳاٽو بندر واپار جو وڏو مرڪز هو، ڇو ته هن شھر ۾ واپاري رهندا هئا، جن جو ٻيڙين رستي سنڌوءَ جي ٻين بندرن سان واپار هلندو هو. لاکا ۾ قديم زماني ۾ اُٺن، گهوڙن ۽ چوپائي مال جو واپار هلندو هو. سَن بندر وارا لاکا بندر تان اُٺ گهوڙا خريد ڪندا هئا. چيٽ جي فصل ۾ ڪڻڪ. جَوَ، مٽر، چڻا، سرهن ۽ ڄانڀو مانجهند جا واپاري خريد ڪندا هئا.لاکن ۾ به ملاح هئا. ماضيءَ ۾ جن جون ٻيڙيون درياهه ۾ هلنديون هيون. لاکن جي ملاحن کي لاکائي ملاح چوندا هئا. جڏهن سنڌوءَ ۾ پلو مرندو هو، ان وقت لاکا تڙ وٽ نواب شاهه درياهي ڊويزن جي آخري مڏي هئي.


لفظ لاکا بندرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو