لاکاني جا پوٺا

لاکاني جا پوٺا: هي ڪاڇي جو هڪ زرخيز ميداني علائقو آهي. هن علائقي ۾ ٽي وڏا ميدان آهن. هر ميدان کي هتان جا ماڻهو ’ماڙي‘ چون. هر ماڙي گهڻي علائقي تي پکڙيل آهي. هڪ ماڙيءَ تي وڻڪار نه هئڻ سبب ان کي ’ڏٻرو پٽ‘ چون ٿا. باقي ٻين ماڙين ۾ فصل سٺا ٿين ٿا. لاکانيءَ جون ڪجهه ماڙيون کيرٿر واري لٺ ۽ هَھُو جبل جي وچ ۾ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ به پکڙيل آهن، جن جي اوچائي پنج هزار فوٽن تائين آهي. لاکاني ۽ ڪڪر لڪ کان اتر طرف جهل مگسيءَ تائين ڏيڏو، ٽيڻ، موگرو، لاکي جا ڪنڊا، کنجي، ڍڍر، دڙٻ، ڪرغاني، مردان، فرق، کداني، ٺٺو ۽ لاکو نئيون نظر اينديون. ڪڪر لَڪُ کان ڏکڻ پاسي رستي ۾ مزاراڻي، ڪيھر جي، شيھار، ٻوڙي، ڪولاچي ۽ گاج نئيون نظر اينديون. لاکاني کان اتر پاسي، بلوچستان جي جبلن جون اُوچيون چوٽيون ٽور، جاتڪ، ٺوٺ، گم ٿم، سنڍو وغيره پري کان نظر اچن ٿيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو