لاڏيلو

لاڏيلو: هن گيت ۾ زيورن جو ذڪر ۽ گهوٽ جي ساراهه هوندي آهي، ڌار ڌار زيورن جي نالن وٺڻ سان گيت ڪيترو به وڌائي سگهبو آهي. هن گيت کي ٿر ۾ ’سائي تسررو رومال‘ گيت به چئبو آهي، ڇو ته ان ۾ ڌوٻڻ کي مخاطب ٿي تسر جي رومال ڌوئڻ لاءِ چيو وڃي ٿو:
سائي تسر جو رومال، ڌوٻڻ ڌوئي ڏي رومال،
ڀورل ڀاءُ جو رومال، ڌوٻڻ ڌوئي ڏي رومال،
پرتاب ڀاءُ جو رومال، ڌوٻڻ ڌوئي ڏي رومال،
وينڊو گهڙائي لاڏو سون جو،
وينڊو گهڙائي پرتاب سون جو،
سون سان سٺڙو رومال-ڌوٻڻ ڌوئي ڏي رومال،
بولي گهڙائي لاڏو سون جي
بولي گهڙائي پرتاب سون جي
سون سان سٺڙو رومال-ڌوٻڻ ڌوئي ڏي رومال


هن صفحي کي شيئر ڪريو