لاٽون

لاٽون

لاٽون

لاٽون (رانديڪو): ٻارن جي مقبول راند جو هڪ رانديڪو آهي. لاٽون، گول شڪل ۾ ڪاٺ مان گهڙي ٺاهيو ويندو آهي. مٿين چوٽيءَ ۾ ڀرڻي هوندي آهي ۽ هيٺين پاسي کان هڪ چھنب نڪتل هوندي آهي، جنھن ۾ لوهه جي شيخ (ڪلي) لڳل هوندي آهي. راند کيڏڻ مھل سُٽ جي سنهي ڏور لاٽونءَ تي گولائيءَ ۾ ويڙهي، ڪاريگريءَ سان لاٽون هٿ مان ڇڏي هيٺ اڇليندي زور سان ڏور ڇڪي ويندي آهي. ايئن لاٽون تيزيءَ سان ڦرندي زمين تي ڪرڻ کان پوءِ به ڦررندو رهندو آهي. ڪيل نشاني تي ڪري ڦرڻ کي ڪاميابي سمجهيو ويندو آهي. هن راند ۾ استعمال ٿيندڙ لاٽونءَ جا ٽي قسم ٿين ٿا، هڪ ’عمودي لاٽون‘ ٻيو ’چڪري‘ ۽ ٽيون ’وانگي لاٽون.‘
(1) عمودي لاٽون: هن لاٽونءَ جو نمونو مخروط (نباط) يا پتائي گجر وانگر هوندو آهي. مٿان ٿوري جنڊي ۽ مٿو گول، هيٺ تريءَ ۾ ڪوڪو لڳل هوندو آهي. ٻار انھي ڪوڪي ۾ ڏور جو هڪ ڇيڙو ڦاسائي وَرَ ورن تي ڏئي، هڪٻئي مٿان ويڙهندو ۽ ڏور جو ٻيو ڇيڙو چيچ ۾ وڪڙ ڏيئي سوگهو جهلي، لاٽونءَ کي مٿان پڪڙي پٽ تي اڇلائيندو. هڪدم ڏور کي پاڻ ڏانھن اهڙي ريت ڇڪيندو آهي جو لاٽون ڦرڻ لڳندو آهي.
(2) چڪري: هن کي به لاٽونءَ وانگر ڏور ويڙهي ڦيرائي ويندي آهي، هن کي مٿان گول مٿو ڪونه ٿئي. باقي هيٺيون ڌڙ ساڳيو لاٽونءَ وانگر ٿيندو آهي، جنھن تي ڏور ويڙهڻ جا کپ گهڙيل/ ٺھيل هوندا آهن. ان کي ’چڪر‘ به چون. ان جي هيٺيان وچ تي ٻُنڍي ٿئي ٿي، جنھن ۾ سنهو ڪوڪو لڳل هوندو آهي. انهيءَ ٻُنڍيءَ جي چوڌاري ڏور ويڙهبي آهي. هيءَ ڪاٺ جي ٺھيل ٿئي ٿي، ان جي مٿان لوهه جو پَٽَ يا بوٽن واري پالش جو گول ڍڪڻ به چاڙهيو ويندو آهي، جيئن گهڻو وقت ڦري.
(3) وانگي لاٽون: هيءُ ڪاٺ مان ٺھيل ڪمانگري چٽن تي جنڊيءَ چڙهيل لاٽون هوندو آهي. هن جو ڍڍر پورو ۽ گول ڪُنڙي وانگر ٿئي. ڪُنڙي ڍڍر مٿان هڪ ڊگهي ڳني اُڀي مٿي نڪتل ۽ ٿورو هيٺ چُنڊڙي ڪُنڊ هوندي اٿس. هن سان اڳٺ وجهڻي جھڙي هڪ ڪاٺي گڏ هوندي آهي. جنھن جي سِري ۾ سوراخ ٿيل هوندو آهي، جنھن کي چاٻي چئبو آهي. هن کي ڦيرائڻ لاءِ ڏور جو هڪ ڇيڙو چاٻيءَ واري سوراخ مان اُڪاري ڳنڍ ڏئي هٿ ۾ جهلبو ۽ ٻيو ڇيڙو ڳنيءَ جي چوٽيءَ کان وڪڙ ڏيئي وَرَ ورن جي ڀر ۾ چاڙهي آڻي ڍڍر وٽ دنگ ڪبو. پوءِ لاٽون سڌو جهلي، هڪ هٿ چاٻيءَ ۾ قابو ڪري چاٻي ڍڍر سان ٺھڪائي ۽ ٻئي هٿ ۾ ڏور جو پڇڙ جهلي، ڏور کي وٺي پاڻ ڏي ڇڪبو ته لاٽون تيزيءَ سان ڦرندو. هن جو زُوزاٽ ڍڍر ۾ ٿيل سوراخ جي ڪري ٿيندو آهي جو ان مان هوا گذري ٿي. ان ڪري هن جو نالو ’واڪي‘ يا ’وانگي‘ لاٽون آهي.
لاٽونءَ راند سنڌ ۾ گهڻي کيڏي ويندي آهي. شھرن ۾ لاٽون ۽ ڏور کي مختلف رنگ ڪيا ويندا آهن، البت ٻھراڙيءَ ۾ ماڻهو کٻڙ ۽ انب جي ڪاٺيءَ مان به لاٽون ٺاهيندا آهن پر ڪنڊيءَ جي پاڙ (ڪرشيءَ) جو لاٽون سڀني کان سٺو ٿئي.


لفظ لاٽونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو