لاهري بندر لاڙي بندر

لاهري بندر/لاڙي بندر: هيءُ بندر ٺٽي کان چاليهه ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ۽ سمنڊ کان سورنھن ميل پري هو، جنھن تي اٽڪل چار هزار ٻيڙيون بيھارڻ جي گنجائش هئي. هن بندر جي پکيڙ اوڀر ۽ اولهه ۾ چار ڪلوميٽر، اتر ۽ ڏکڻ ۾ ٻه ڪلوميٽر هئي. هن بندرگاهه کي البيروني ’لوهاراني‘ جي نالي سان سڏيو آهي، جڏهن ته ابن بطوطه جي سفرنامي ۾ لکيل آهي ته ”قاضي علاءُ الملڪ فصيح الدين 1334ع ۾ هتي آيو هو، جيڪو هڪ فاضل شخص هو، جنھن کي بادشاهه، لاهريءَ جو حاڪم مقرر ڪيو هو.“ انگريز مصنف ڪننگهام پنھنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته: ”سنڌ ۾ لاهري بندر يا لاڙي بندر جي اتر طرف ديول بندر جا کنڊر ڪجهه مفاصلي تي آهن. لاهري بندر، ديول بندر جي کنڊرن مان جوڙيو ويو آهي.“ تاريخدانن لاهري بندر کي ’سنڌي بندر‘، ’سنڌو‘ يا ’ديول‘ جي نالن سان به سڏيو آهي. انگريز واپاري، جيڪي شروع واري دور ۾ سنڌ ۾ آيا، تن هن بندر کي ليري بندر، بندر لاهري، بندر لاري، لاڙي بندر، سنڌ بندر، لاهاري، سنڌيا بندر جي نالي سان سڏيو آهي. هن بندر تي اهو نالو پوڻ پويان تاريخدانن جو خيال آهي ته هي بندر لاڙ جي ان حصي تي آهي، جيڪو سنڌو درياهه جي منھن جي ويجهو آهي. جنھن ڪري ان کي لاهري بندر ڪوٺيو ويو. مقامي سطح تي اهي قياس آرايون پڻ آهن ته هن کي سنڌ جي هڪ قبيلي ’لھر‘ جي نالي پٺيان سڏيو ويو هو لاهري بندر پنھنجي جاگرافيائي بيھڪ جي ڪري گهڻو مشھور هو. بندرگاهه جي ڀرسان آبادي پڻ هئي. عبدالرحيم خان خانان سنڌ تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ لاهري بندر ڏسڻ لاءِ آيو، جيئن بندر کي شاهي نگرانيءَ هيٺ رکيو وڃي. سندس مقصد هو ته ترخانن ۽ پورچوگيزن جو پاڻ ۾ رابطو نه ٿي سگهي، جيئن ڪو به مغلن خلاف قدم نه کڻي. اُن وقت مغلن اهو خطرو محسوس پئي ڪيو ته متان ترخان پنھنجي مدد لاءِ پورچوگيزن کي چون ۽ اها مدد بندر ذريعي ئي ملي پئي سگهي، ڇاڪاڻ جو ان دور ۾ لاهري بندر مشھور هو، جتي هزارن جي تعداد ۾ جهاز بيھرڻ جي گنجائش موجود هئي.
نامور تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ علي، پنھنجي مضمون ’لاهري بندر‘ ۾ لکي ٿو ته يورپي واپارين جي اچڻ کان پوءِ لاهري بندر جي آمدني وڌي وئي، ان ڪري اڪبر بادشاهه ان کي پنھنجي شاهي جاگير ۾ شامل ڪيو هو. جھانگير جي زماني ۾ جڏهن نور جھان کي اثر رسوخ مليو ته هن لاهري بندرگاهه کي پنھنجي ڀاءُ آصف خان جي جاگير ۾ ڏياري ڇڏيو. جڏهن انگريز ٺٽي ۾ واپاري ڪوٺيون قائم ڪرڻ لاءِ سنڌ آيا ته آصف خان انهن جي مدد ڪئي ۽ ڪسٽم ڊيوٽي پڻ وڌي وئي. سنڌ کي لاهري بندر هندستان جي اتر-اولھه واري سامونڊي ڪناري وارن شھرن سان ملائي ڇڏيو هو، جنھنڪري بصري، بندر عباس، مسقط، ڪونڪن، بحرين، ڪمبي ۽ سورت سان واپار ۾ اضافو ٿيو. اُن زماني ۾ سوٽي ڪپڙو، سِلڪ، کنڊ، ڌاڳو، نير، چمڙي جو سامان ۽ نقش نگار جو سامان سنڌ کان ٻاهرين ملڪن ۾ موڪليو ويندو هو، جڏهن ته موتي، سون، چاندي ۽ دوائون ٻاهرين ملڪن مان بندرگاهه ذريعي گهرايون وينديون هيون. هن بندرگاهه جي اهميت ۾ ان وقت گهٽتائي آئي، جڏهن 1635ع ۾ هرمز تي انگريزن جو قبضو ٿيو، پر سياسي حالتن کان وڌيڪ فطري حالتون خطرناڪ ثابت ٿيون. سترهين صديءَ ڌاري هن بندرگاهه تي مٽيءَ جا تھه ڄمڻ شروع ٿيا ۽ بندر ۾ جھازن جي داخل ٿيڻ ۾ ڏکيائي ٿيڻ لڳي، اُن ڪري اورنگزيب بادشاهه هڪ نئين بندرگاهه جو حڪم ڏنو، جنھن کي ’اورنگا بندر‘ يا ’ڪڪرالا بندر‘ جي نالي سان سڏيو ويو، جنھن ڪري لاهري بندر ارڙهين صديءَ ۾ برباد ٿي ويو.
هن وقت لاهري بندر جي ڏکڻ ۾ پئٽياڻي کاري ۽ اتر ۾ کڏي کاري آهي. بندر جا آثار هن وقت پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آهن. بندر جا آثار، جنھن ٻيٽ تي موجود آهن، اُهو چنڊ جي شڪل جھڙو آهي. هي ٻيٽ اوڀر- اولهه ۾ چار ڪلوميٽر ڊگهو ۽ اتر- ڏکڻ ۾ ٻه ڪلوميٽر ويڪرو آهي. ٻيٽ جي اوڀر واري پيٽ تي شھر جا کنڊر موجود آهن، جڏهن ته اولهه وارو پاسو ويران آهي، جنھن ۾ تمر جا وڻ آهن.
هن بندر بابت مرزا قليچ بيگ ڄاڻائي ٿو ته، ”هي اصل لاڙي بندر يعني لاڙ جو بندر آهي، جيڪو اڳوڻي ٻگهياڙ درياهه تي هو ۽ سمنڊ کان 16 ميل پري هو. شھر جي بچاءُ لاءِ وڏو ڪوٽ هو. هتان کان مال ٺٽي ڏانھن ويندو هو. ٺٽو لاڙي بندر کان 80 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي هو. لاڙي بندر کان ٻن ميلن تي ڌارا جا شھر هو ڌاراجا جي راڻي کي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي قتل ڪرايو هو. جنھن مان معلوم ٿو ٿئي ته هي بندر ڪلهوڙن جي دور ۾ قائم ٿيو. هن بندر جي پاسي ۾ بالو شاهه جو قبو آهي ۽ هي سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو بندر هو. سترهين صدي عيسويءَ ۾ هندستان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اهو ئي هڪڙو بندر هو. قديم دور ۾ هي بندر موتين ۽ ٻين انمول شين لاءِ پڻ مشھور هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو