لانڍِي

لانڍِي (جاءِ): سنڌ ۾ گرمين کان بچڻ لاءِ رهائش جي لاءِ ڪاٺين، ڪکن وغيره مان گڏ لانڍي ٺاهي ويندي آهي. جيڪا چونئري وانگر ٿڌي رهندي آهي. چؤنرو گول ۽ لانڍي چئن ڪنڊن ۽ لھواري ڇت واري هوندي آهي، لانڍيءَ جو بنياد کٽ وانگر لام ۾ ڊگهو ۽ پاسن کان ننڍو ٿيندو آهي. ڇت جي وڏي ڪاٺي جنھن کي لاٽڻ چيو ويندو آهي. لاٽڻ جي پوري وچ تي ڪٿي ٿوڻي به ڏيندا آهن. ڪٿي ڪٿي لانڍي کي کپ جي ڇڄي مٿان مٽيءَ جو راڳو به ڏيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو