لانئون

لانئون

لانئون

لانئون (رسم): هيءَ رسم سڄي سنڌ ۾ موجود آهي. شاديءَ جي موقعي تي گهوٽ ۽ ڪنوار کي سيج تي آمھون سامھون ويھاري، گهوٽ ڪنوار جي مائٽياڻين پاران گهوٽ ۽ ڪنوار جا مٿا ٽي ڀيرا هڪٻئي کي آھستي آھستي پاڻ ۾ ٽڪرايا/ ملايا ويندا آهن، اُن کي ’لانئون ڏيڻ‘ چيو ويندو آهي. لانئون لھڻ وقت گهوٽ جون عزيز عورتون ڳيچ به چونديون رهنديون آهن. گهوٽ جا ويجها مائٽ به اچي لانئون ڏيندا آهن. ڪن ذاتين ۾ ست لانئون ڏيڻ جو رواج به آهي. ڪن ھنڌن تي رڳو ستن سھاڳڻين کان لانئون ڏيارين. عام طور ست لانئون ڳڻجن. ڪن ھنڌن تي لانئن ڏيڻ ۾ ماءُ، پيءُ، ڀيڻ ۽ ٻيا وڏا به شامل ٿين.


لفظ لانئونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو