لال بنگلو

لال بنگلو: مير علي مراد خان ٽالپر خيرپور ۾ هڪ بنگلو تعمير ڪرايو هو، جنھن کي اڄ تائين ’لال بنگلو‘ سڏيو ويندو آهي. خيرپور رياست ۾ جيڪي به وڏي حيثيت وارا مھمان ايندا هئا، تن کي لال بنگلي ۾ رهايو ويندو هو. انگريزن جو ريزيڊنٽ به اتي رهندو هو. ان کانسواءِ مير علي مراد ڪوٽ ڏيجي شھر جي پسگردائيءَ ۾ ڪيترا ئي بنگلا ٺھرايا هئا، انهن کي ’رنگ محل‘ سڏيندا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو