
لالا رحيم پٺاڻ
لالا رحيم پٺاڻ (ملهه پھلوان): لالا رحيم پٺاڻ جو اصل نالو رحيم خان ولد مسعود خان پٺاڻ آهي. هن 15 جنوري 1983ع تي جکرا ڪالوني ڇور، تعلقي ۽ ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو. کيس ننڍپڻ کان اسڪول ۾ ڪوڏي ڪوڏي، ملهه، ٻيلھاڙو، ونجهوٽي ۽ ٻين راندين سان لڳاءُ ٿيو. هي اڳتي هلي جوانيءَ ۾ رسندي ئي مختلف موقعن تي ٿيندڙ وڏن وڏن ملاکڙن ۾ ملهون وڙهي مشھور ٿيو. هيءُ ڪيترائي انعام حاصل ڪري چڪو آهي. 2024ع کان هن ملهه وڙهڻ ڇڏي ڏني آهي.
1983.01.15 عيسوي
لالا رحيم پٺاڻ جو اصل نالو رحيم خان ولد مسعود خان پٺاڻ آهي. هن 15 جنوري 1983ع تي جکرا ڪالوني ڇور، تعلقي ۽ ضلعي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو.