لاطيني آمريڪا

لاطيني آمريڪا: هي اصل ۾ دنيا ۾ موجود ستن وڏن کنڊن مان چوٿون وڏو کنڊ آهي، جيڪو آمريڪا '>ڏکڻ آمريڪا (South America) ۽ موجوده وقت ۾ لاطيني آمريڪا (Latin America) جي نالي سان مشھور آهي. هن علائقي ۾ 12 خودمختيار رياستون ۽ ٻيا لاڳاپيل علائقا شامل آهن. هي خطو وسيع طور تي وچ آمريڪا، ڏکڻ آمريڪا ۽ ڪيريبين ۾ ورهايل آهي. اهي رياستون دراصل لاطيني ٻولي مان نڪتل ٻين ٻولين جھڙوڪ: اسپيني، پرتالي، فرانسيسي ۽ ثقافتي ورثي جي ڪري نمايان آهن. هڪ کنڊ ۾ ٻارنھن (12) خودمختيار رياستن ۾: ارجنٽينا، بوليويا، برازيل، چلي، ڪولمبيا، ائڪواڊور، گويانا، پئراگوئي، پيرو، سورينام، يوروگوئي ۽ وينزويلا شامل آهن، جڏهن ته فرينچ گيآنا فرانس سان لاڳاپيل علائقو آهي. ساڳي ريت فالڪلينڊ ٻيٽ، ڏکڻ جارجيا ۽ ڏکڻ سينڊوچ ٻيٽ پڻ منحصر حد بندين ۾ اچن ٿا.
هن وڏي کنڊ جي ڪُل ايرضي km2 1784000 (6890000 چورس ميل) آهي. موجوده وقت 2025ع ۾ هن خطي جي آبادي 667.6 ملين (گهٽ- وڌ) آهي. هن خطي ۾ سڄي دنيا جي ڪُل آباديءَ جو 8.11 سيڪڙو رهي ٿو. هتي ڳالهائجندڙ ٻولين ۾ انگريزي، اسپيني، پرتالي، فرانسيسي، ڊچ، ائمارا، گواراني، مئپوڊونگن، ڪوئينچا، وايو، سرانن، ٿونگو ۽ ٻيون شامل آهن. هن خطي ۾ 90 سيڪڙو عيسائي، 7.7 سيڪڙو لامذهب ۽ 2.3 سيڪڙو مختلف مذهبن جا ماڻهو آباد آهن. هي خطو پنھنجي فطري حسن، گوناگون ثقافت، ٻولين، قديم تھذيبن، ترقياتي شاهڪارن سبب سڄي دنيا جي سياحن جي تقريح جو مرڪز آهي.


لفظ لاطيني آمريڪاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو