
لابارو
لابارو: لابارو لفظ جي لغوي معنى ’فصل لڻڻ‘ آهي. ڪڻڪ، سارين، جوئر، ٻاجهري ۽ ٻين اَن وارن فصلن کي پچڻ کان پوءِ لڻيو ويندو آهي. فصل لڻڻ واري انهيءَ ڪم کي ’لابارو‘ چئبو آهي. لابارو ڪندڙن کي ’لاهيارا‘ چئبو آهي. فصل جيڪڏهن ٿورن ايڪڙن تي پوکيل هوندو آهي ته مالڪ پاڻ لابارو ڪندا آهن، جيڪڏهن فصل گهڻو آهي ته پورهئي تي لابارو ڪرايو ويندو آهي. اڪثر ڪيترا ئي غريب ماڻهن جو گذر سفر لاباري تي ٿئي ٿو. مرد ۽ عورتون گڏجي لابارو ڪندا آهن. فصل پچڻ جي مند ۾ غريب ماڻهو پري پري کان پنھنجا گهر ڇڏي زرعي علائقن ۾ اچي لڏا رکي رهي لابارا ڪندا هئا/ آهن. لابارو ڪيل سنگن کي ’ول‘ به چئبو آهي. فصل لڻڻ کان پوءِ فصل جا سنگ ڀريون ٻڌي، کڻي هڪ جاءِ تي گڏ ڪندا آهن، ان جاءِ کي ’کرو‘ چئبو آهي. اڳي کري ۾ سنگ گڏ ڪرڻ کان پوءِ ڍڳن سان ڳاهه ڳاهي اَنَ ڪڍيو ويندو هو، پر هاڻي ٽريڪٽر تي هلندڙ ٿريشر جي اچڻ سان ڳاهه جو اهو نمونو گهڻو ختم ٿي ويو آهي. لاهيارا فصل لڻڻ ۽ کڻي کري ۾ گڏ ڪرڻ کان پوءِ سڄي زمين مان پکڙيل ۽ رهجي ويل سنگ گڏ ڪندا آهن، جيڪي اڪثر زميندار لاهيارن کي رضاڪارانه ڏيندا آهن. ڪي وري ان مان اڌ وٺندا آهن. فصل لڻڻ ۽ کڻي گڏ ڪرڻ جو اجورو ٻه کان اڍائي مڻ ڪڻڪ في ايڪڙ يا تور جي حساب سان ڏنو ويندو آهي، جنھن کي ’لائي‘ چيو ويندو آهي.