لئي (تال): ڪلاسيڪي موسيقي ۾ لئي ٽن قسمن جي هوندي آهي. (1) بلمپت، (2) مڌ ۽ (3) درت. بلمپت جي معنيٰ آهي دير، مڌ جي معنيٰ آهي درمياني يا وچولي ۽ درت جي معنيٰ آهي تيز. پر اهي الفاظ نسبتي آهن انهن جو اندازو صحيح نٿو لڳائي سگهجي. سنسڪرتي گرنٿن ۾ لئي کي سمجهڻ لاءِ هيٺيون نقشو ذهن ۾ ويھارڻو پوندو.
8 ڇن - هڪ لو 8 لو - هڪ ڪاشٽا 8 ڪاشٽا - هڪ نمش 8 نمش - هڪ ڪلا چار ڪلا - انودرت (هڪ) 2 انودرت - هڪ درت 2 درت - هڪ لگهو 2 لگهو - هڪ گرو 3 لگهو - هڪ پلت 4 لگهو - هڪ ڪپد
زماني جي انھي تقسيم کي سمجهندي فرض ڪيو وڃي ته هڪ صحتمند ماڻهو جي نبض جو هڪ ڌڪ هڪ ماترا آهي ۽ هڪ ماترا هڪ انودرت جي برابر آهي ته ڇن جو زمانو / وقت ڇا بيھندو؟ حقيقت ۾ ڇن جي زماني ۾ زبان مان هڪ لفظ جي ادائيگي ناممڪن آهي. لو ۽ ڪاشٽا جي زماني جي ادائيگي ممڪن ڪونه آهي. راڳ درپن جي مصنف ان لاءِ لکيو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ تال جو زمانو انودرت ٿي سگهي ٿو.
اهڙي نموني ماترا بابت به مختلف ماڻهن جا مختلف رايا آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته هڪ صحتمند ماڻهو جي نبض جو هڪ ڌڪ، ڪن جو چوڻ آهي ته زبان مان نڪتل هڪ لفظ کي ماترا چئجي ٿو. لگهو لاءِ به ڪيئي اصول آهن. ڪن جو خيال آهي ته لگهو چئن ماترائن جي برابر آهي. ڪن جو چوڻ آهي ته لگهو هڪ ماتري جي برابر آهي. ائين ئي سمجهڻ ۾ ڪا قباحت ڪانه آهي، پر ابتدائي زماني کي سمجهڻ ان جي ٻيڻ، ٽيڻ ۽ چوڻ کي سمجهڻ تمام ضروري آهي. سمجهون ٿا ته لگهو چار ماترائن جي برابر آهي ته اهڙي حالت ۾ درت ٻن ماترائن جي ٿيندي. انودرت هڪ ماترا ۽ ڪپد 16 ماترائن جو ٿيندو، جنھن کي موسيقيءَ جي زبان ۾ هيئن بيان ڪبو.
هڪ ماترا کي برام يا انودرت چئبو = برام – 1
ٻن ماترائن کي درت چئجي = درت – 2 ماترا
ٽن ماترائن کي درت برام چئبو = درت – 2 + برام 1 ماترا
چئن ماترائن کي لگهو چوندا = لگهو – 4 ماترائون
پنجن ماترائن کي لگهو برام چوندا = لگهو – 4 + برام 1 ماترا
ڇهن ماترائن کي لگهو درت چوندا = لگهو – 4 + درت – 2
ستن ماترائن کي لگهو درت برام چئبو = لگهو 4 + درت 2 + برام 1
8 ماترائن کي گرو چئبو = گرو – 8 ماترائون
9 ماترائن کي گرو برام چئبو = گرو – 8 + برام هڪ ماترا
10 ماترائن کي گرودرت چئبو = گرو – 8 + درت 2 ماترائون
11 ماترائن کي گردرت برام چئبو = گرو – 8 + درت 2 + برام هڪ
12 ماترائن کي پلت چئبو = پلت – 12 ماترائون
13 ماترائن کي پلت برام چئبو = پلت – 12 + برام 14 ماترائن کي پلت درت چئبو = پلت – 12 + درت 2 15 ماترائن کي سرپلت درت برام چئبو = پلت 12 + درت 2 + برام 1 16 ماترائن کي ڪچو چئبو = ڪپد – 16 ماترائون
هاڻي وڄوت جو ڪم انهن ماترائن لاءِ هموزن لفظ مقرر ڪرڻ آهي. مثال چئن ماترن لاءِ ت- ٽ – ڪ- ٽ، ٽن ماترائن لاءِ ت - ڪ - ٽ وغيره. تال ٻن قسمن جا گرنٿن لکيا آهن. هڪڙا باقاعده جن کي جاتي تال چون ۽ ٻيا بيقاعده.
جاتي تالن ۾ ڏهه ڳالهيون مخصوص هونديون آهن.
(1) ڪال: هن جو مطلب انودرت، درت ۽ لگهو سان جيڪي ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ هڙتال ۾ هوندا آهن.
(2) مارگ: هن جا چار قسم آهن ڌروا، چترا، وڪشنا ۽ ورتيڪا. ڪلاجي مختلف ماترائن جي حساب سان انهن جي ورڇ ٿيل آهي.
(3) ڪريا: معنيٰ حرڪت. هي حرڪت ٻن قسمن جي ٿئي. شبد جنھن مان آواز نڪري ٻي نشبد جنھن مان آواز پيدا نه ٿئي جو تال ۾ سم تي ضرب لڳندي اهو شبد جو مثال آهي. روپڪ جي سم خالي آهي اهو نشبد جو مثال آهي.
(4) انگ: چند علامتون يا اکر جيڪي تالن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڏنا ويا آهن.
(5) گرهه: سم بسم اتيت وغيره کي چون ٿا.
(6) پرستار: معنيٰ وڌائڻ.
(7) جاتي: معنيٰ ذات يا قسم.
(8) ڪلا: معنيٰ ورهائڻ.
(9) لئي: هي ٽن قسمن جي ٿئي.
(10) يتي: معنيٰ بيھڻ، هر تال ۾ چند ماترائن کان پوءِ بيھڻو پوندو.
لئي اصل ۾ وڄائڻ جي رفتار کي چئبو آهي هن کي هيٺين حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
ٺا: ڳائڻ يا وڄائڻ جي رفتار جڏهن تمام سست هوندي آهي ته ماتري جو مدو به وڏو هوندو آهي. گهڻي ۾ گهڻي سست رفتار کي ”ٺا“ چئبو آهي. جنھن جو، ماتري جو عرصو چئن ماترائن جي برابر هوندو آهي. راڳ جي ابتدائي مرحلي تي هن لئي تي سنگت ٿيندي آهي.
بلمپت: هن جي ٺا کان ٻيڻي رفتار ٿئي. هي به گهڻو ڪري راڳ جي ابتدائي مرحلي ۾ آلاپ ۾ ڪم ايندي آهي.
مڌم: هن جي رفتار بلمپت کان ٻيڻي تيز ۽ ٺا کان چئوڻي ٿئي. هن ۾ گهڻو ڪري هلڪي ڦلڪي ۽ نيم ڪلاسيڪي موسيقيءَ جا انداز ڳايا ويندا آهن. عام طور گيت غزل وغيره هن لئي ۾ ڳائجي ٿو.
درت: هي مڌم لئي کان ٻيڻي تکي آهي. هن لئي جي هڪ ماتري جو عرصو مڌم جي اڌ ماتري جيترو ٿئي ٿو. قانون مينڍون ۽ خيال بلمپت کان پوءِ درت ۾ ڳائجن. ترانو به هن لئي ۾ ڳايو ۽ وڄايو ويندو آهي.
انودرت: هي لئي ’درت لئي‘ کان ٻيڻي تکي رفتار واري ٿئي ٿي. خيال ڳائڻ ۾ ڪي ڪي گويا درت کان پوءِ انودرت ۾ تانون هڻندا آهن. انودرت وڄائڻ لاءِ آڱرين جي ڦڙتائي ۽ فن ۾ پختگي جي ضرورت پوي ٿي.
ترت: ڳائڻ وڄائڻ جي آخري تيز رفتار، انودرت کان ٻيڻي ٿئي ٿي، جنھن حساب سان ان جي ماترا جو عرصو سيڪنڊ جو اٺون حصو ٿئي ٿو. هي لئي ڳائڻ وڄائڻ ڪمال جي نشاني ٿئي ٿي. گت يا ترانو/ تلانو وڄائڻ جي آخري صورت آهي.