قيوم ’طراز‘، ڊاڪٽر: قيوم ’طراز‘ جو پورو نالو عبدالقيوم شيخ ھو. سندس جنم 13 جون 1935ع تي شڪارپور ۾ ٿيو. 1960ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج، حيدرآباد مان ايم.بي.بي.ايس جي ڊگري حاصل ڪري، ميڊيڪل آفيسر مقرر ٿيو. جتان 1995ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. شاعريءَ جي شروعات ڪاليج ۾ پڙھڻ دوران ڪيائين. هن شاعريءَ ۾ گيت، غزل، وائي، نثري نظم ۽ ٻين مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي. سندس شاعري مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندي رھي آهي. ھن 24 جنوري 2000ع تي وفات ڪئي. سندس ڪلام انور فگار ھڪڙي ترتيب ڏيئي، ’پٽ جون ڳنڍِيون، ريشم ويڙھا‘ نالي سان مئي 2000ع ۾ ڇپايو.