قيافه

قيافه: انسان جي چھري کي پڙهڻ جي فن کي قيافه (چھرا شناسي) جو علم ۽ انگريزيءَ ۾ Face Reading سڏيو وڃي ٿو. هن علم کي انسان جي شخصيت ۽ ڪردار جو آئينو پڻ چيو وڃي ٿو، قيافه جي علم وارن موجب انسان جي چھري، اکين، پيشاني، چپن، ڀرون، نڪ، ڪن، ڄاڙي، کاڏي ۽ مٿي جي بيھڪ مان انسان جي شخصيت بابت ڄاڻ ملي ٿي. هي علم هزارين سال پراڻو آهي. آڳاٽي دؤر ۾ حڪيم ۽ طبيب هن علم کي گهڻي اهميت ڏيندا هئا، جيڪي مريض جو چھرو ڏسي ان کي بيماريءَ بابت ٻڌائيندا هئا ۽ علاج ڪندا هئا. هي علم سڄي دنيا ۾ مروج هو پر چين ۾ هن علم کي وڌيڪ ترقي ملي. چيني ٻوليءَ ۾ هن علم کي ”سيانگ نھين“ چئبو آهي ۽ اهو هڪ نئين انداز ۾ چيني عوام وٽ مقبول آهي. چين ۾ هن علم جي سکيا ڏني وڃي ٿي.


لفظ قيافهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو