قونيه

قونيه

قونيه

قونيه (Konya): ترڪيءَ جو هڪ شھر جيڪو اناطوليا جي وچ ۾ واقع آهي ۽ ترڪيءَ جي گاديءَ جي هنڌ انقره جي ڏکڻ پاسي آهي. رومي هن شھر کي اڪونيم چوندا هئا، هن شھر تي 1071ع ۾ ملازڪرد واري جنگ کانپوءِ سلجوقين جو قبضو ٿيو ۽ 1097ع کان 1243ع تائين هي سلاجقه روم جي گاديءَ جو هنڌ هو. ان دوران صليبي جنگين جي ڪري عارضي طور عيسائين جي قبضي ۾ بہ رهيو. قونيه 1205ع کان 1239ع واري عرصي ۾ پنھنجي عروج تي هو. 1219ع ۾ هي شھر خوارزم شاهي سلطنت جي مھاجرن جي پناھہ گاھہ هئي، جيڪي منگولن جي حملي ۽ خوارزم شاھہ جي شڪست کانپوءِ هتي پھتا هئا. 1243ع ۾ قونيه تي منگولن جو قبضو ٿي ويو ۽ سلجوقي گهراڻي جي حڪومت جو خاتمو ٿيو. 1307ع کان 1322ع تائين قره مانين جي قبضي ۾ رهيو، 1420ع ۾ سلطنت عثمانيه هي شھر فتح ڪيو ۽ 1453ع ۾ قونيه کي قره مان جي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو ويو. جڳ مشھور صوفي بزرگ ۽ شاعر مولانا جلال الدين رومي جي مزار بہ هن ئي شھر ۾ واقع آهي. جتي رومي طريقي وارو رقص مخصوص انداز ۾ ڪيو ويندو آهي، جيڪو سڄي دنيا ۾ مشھور آهي.


لفظ قونيهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو