
قمر سومرو
قمر سومرو (راڳي): قمر سومري جو جنم دادو شھر ۾ ٿيو. تعليم پوري ڪري هو ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين، حيدرآباد ۾ استاد طور ڀرتي ٿيو، جتي هو موسيقيءَ جي تربيت ڏيندو هو. کيس ننڍپڻ کان ئي موسيقيءَ سان لڳاءُ هو، جنھن ڪري استاد منظور علي خان کان سُرن جي سکيا ورتي ۽ سندس شاگرديءَ هيٺ رهيو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي کيس پھريون ڀيرو استاد منظور علي خان وٺي آيو، 1975ع ۾ پھريون ڀيرو هن استاد بخاريءَ جو شعر ’هلي آ پير ڀري...‘ رڪارڊ ڪرايو. ان کان پوءِ هن شيخ اياز، تنوير عباسي، تاجل بيوس، سائل آزاد ۽ مرتضيٰ شاھہ ڏاڏاهي سميت ڪيترن ئي شاعرن کي پڻ ڳايو. هن سنڌي، سرائڪي ۽ اردوءَ ۾ بہ ڳايو آهي. هن جي آواز ۾ ڳايل ’چڱو دل لڳيءَ جو تو بدلو ڏنو آ‘ سندس مقبوليت جو سبب بڻيو. هن کي اسٽيج کانسواءِ ريڊيو ۽ ٽي وي چئنلن تي بہ بي پناھہ مقبوليت ملي. قمر سومري ڪجهہ شاگردن کي بہ سکيا ڏني، جن بہ سنڌ ۾ سٺو نالو ڪڍيو. سنڌ جي هن 1996ع ۾ وفات ڪئي.