ڊاڪٽر قمر جھان مرزا

ڊاڪٽر قمر جھان مرزا

قمر جھان مرزا ڊاڪٽر

قمر جھان مرزا، ڊاڪٽر (ليکڪا، محقق ۽ نقاد): پروفيسر ڊاڪٽر قمر جھان مرزا 14 آگسٽ 1952ع تي حيدرآباد شھر ۾ مرزا غلام حسين جي گهر ۾ جنم ورتو. 1978ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم.اي سنڌي ادب ۾ ڪيائين. 1983ع ۾ ’حيدرآباد جي ميرن جو سنڌي ادب ۾ حصو‘ جي موضوع تي پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1985ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرر مقرر ٿي. 1992ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر، 1997ع ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر ۽ 2005ع ۾ پروفيسر ٿي. هن شروع ۾ سنڌي توڙي اردوءَ ۾ ڪھاڻيون لکيون. هن جو هڪ ڪتاب ’سنڌ جي تاريخ-ميرن ٽالپرن جو دؤر‘ پاڪستان اسٽڊي سينٽر سنڌ يونيورسٽيءَ پاران 2015ع ۾ سندس ٽي سفرناما ’دهليءَ ۾ گذاريل ڏينھن‘، ’ايران‘ ۽ ’مڪي ۽ مديني ۾ عمري دوران احساس‘ اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن. علمي ۽ ادبي مڃتا طور کيس ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا. هُن 6 سيپٽمبر 2019ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.08.14  عيسوي

پروفيسر ڊاڪٽر قمر جھان مرزا 14 آگسٽ 1952ع تي حيدرآباد شھر ۾ مرزا غلام حسين جي گهر ۾ جنم ورتو.


2019.09.06  عيسوي

پروفيسر ڊاڪٽر قمر جھان مرزا 6 سيپٽمبر 2019ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اختر حسين رائيپوري ڊاڪٽر
ابن الياس سومرو
اياز علي شاھہ شيرازي
امام بخش شر
دارا-I
بانو محبوب
گل محمد ڪلھوڙو
سيد مراد علي شاھہ
اعجاز علي خواجہ
ڀنڀو شاھہ بادشاھہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون