قلعه حاڪم نشين

قلعه حاڪم نشين (قلعو): هي قلعو ٺٽي شھر ۾ ارغونن جي دور تائين موجود هو، جنھن ۾ محل ۽ ماڙيون پڻ هيون. اهو قلعو ڪنھن ۽ ڪڏهن ٺھرايو؟ ان متعلق معلومات نہ ٿي ملي. پر ايترو ضرور معلوم ٿئي ٿو تہ هي قلعو 963ھہ/ 1555ع کان اڳ جو ٺھيل هو ۽ ارغونن جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ ان تي ترخانن قبضو ڪيو. ترخانن جي حڪومت جي ٽئين سال ۾ ميرزا عيسيٰ قلعي جي مرمت ڪرائي. قلعي ۾ ڪيترائي محل هئا. ميرزا باقيءَ جي زماني ۾ محلاتن جي موجود هجڻ جو پتو پوي ٿو. ميرزا باقي هڪ عمارت ۾ ملا بھبود کي رهايو هو، جيڪو سندس ڀروسي وارو ماڻهو هو. هن قلعي ۾ ميرزا صالح اول جي آڪھه، ميرزا عيسيٰ جون بيگمات ۽ پـُٽ رهندا هئا، جن جون ماڙيون جدا جدا هيون. ميرزا غالب کي ميرزا باقيءَ قتل ڪرائي ان جي صغير ڀيڻ ۽ ڏاڏيءَ کي هڪ ماڙيءَ ۾ ويھاريو.
اهي محل ۽ ماڙيون، 999ھہ/ 1590ع جي آخر ۾ ميرزا پائينده بيگ ساڙائي ويران ڪرائي ڇڏيون، جو کيس خطرو هو تہ خان خانان سان جاري ڪيل جنگ ۾ ممڪن آهي تہ هو هارائي وڃي ۽ خان خانان ٺٽي تي قبضو ڪري. پائينده بيگ انهن ماڙين کانسواءِ سموري شھر کي برباد ڪري وڃي تغلق آباد جي قلعي ۾ رهيو، جيڪو قلعو وڌيڪ مضبوط هو. انهيءَ تباهيءَ جو ذڪر ڪندي مير علي شير قانع لکي ٿو ته، ”برابر هڪ مھيني تائين ٺٽو برباد ٿيندو رهيو، سموري شھر ۾ باهيون ڏنيون ويون، ماڻهو لڏي ويا، شھر ويران ڏسي ڦورو شھر ۾ داخل ٿيا ۽ شھر وارن جيڪو مال ۽ زر، زمين ۾ دفن ڪري ڇڏيو هو سو کوٽي کڻي ويا.“ ان هوندي خان خانان سنڌ فتح ڪئي ۽ 1000ھہ/ 1591ع ۾ پائندہ بيگ جي پُٽ جاني بيگ کي ان جي اميرن سميت خان خانان اڪبر بادشاھہ وٽ پيش ڪيو. خان خانان جي ڪوشش سان ٺٽي جي حڪومت وري جاني بيگ کي بطور جاگير عطا ٿي. جنھن کان پوءِ هو واپس اچي ٺٽي ۾ رهيو. ٺٽي پھچي هن ٻيھر لڏي ويل ماڻهن کي آڻي شھر ۾ آباد ڪيو ۽ سرڪاري ماڙين ۽ محلاتن جي مرمت ڪرائي، انهن کي رهڻ جي قابل بڻايو.
ميرزا غازيءَ جو ذڪر ڪندي ’تاريخ طاهريءَ‘ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تہ ”هن قلعي حاڪم نشين ۾ پنھنجي رهڻ لاءِ نوان محل ٺھرايا. جن جي اندر ديوارن تي نقش نگار ي ۽ تصويرون اُڪرايون هيون.“ باوجود مرمت جي ميرزا غازي، محل کي پنھنجي رهڻ جي قابل نہ سمجهيو ۽ هن نئين عمارتن جي تڪميل ڪئي ۽ انھن محلاتن ۾ گهڻو وقت گذاري ڪونه سگهيو.
ترخانن جي آخري حاڪم ميرزا غازي بيگ جي فوت (1021ھہ/ 1612ع) ٿيڻ کان پوءِ مغلن جا جيڪي نواب ٺٽي ۾ گورنر مقرر ٿي آيا، انهن جو قيام بہ انهيءَ قلعي حاڪم نشين ۾ هوندو هو. مغل بادشاھہ شاهجهان، شاهزادگيءَ جي دور ۾ (رمضان 1035ھہ/ جون 1626ع) ٺٽي آيو، جيڪو قلعي ۾ رهائش ڪرڻ لاءِ وڌيو پر ٺٽي جي شاهي حاڪم شريف الملڪ ٻاهران ويڙھہ ڪري موٽائي ڇڏيو. شھزادو دارا شڪوہ جڏهن ڀاءُ سان اختلاف ڪري، هندستان مان ٺٽي پھتو، تڏهن هن جو ارادو بہ انھيءَ قلعي ۾ رهڻ جو هو، پر قلعو شايد ان وقت اُجڙي چڪو هو جو شھزادي کي پسند نہ آيو، ان ڪري حڪم ڪيائين تہ قلعو ۽ شھر ساڙائي ڇڏيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو