قطعو: قطه يا قطعو عربي ٻولي جو لفظ آهي. جنھن جي معنيٰ ’ڪپيل ٽڪرو‘ آهي. اصطلاحي معنيٰ ۾ قطعي جو مطلب، ”نظم جو اهو ننڍي کان ننڍو ٽڪر آهي، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ چئن سٽن تي مشتمل هجي يا جنھن ۾ ٻن کان وڌيڪ شعر هجن.“ سنڌيءَ ۾ سڀ کان پھرين مرزا قليچ بيگ فارسي قطعا ترجمو ڪري چندن هار ۽ ٻين ڪتابن ۾ ڇپرايا هئا، پر پوءِ سنڌيءَ ۾ ڪيترن ئي شاعرن سنڌي ٻولي، سماج جي مسئلن سان واڳي ٺيٺ سنڌي صنف ۾ آڻي بيھاريو. ائين هن صنف روايتي ۽ جديد دؤر ۾ نج سنڌي روپ اختيار ڪري ورتو.