قريشي

قريشي (ذات): قريش عربي لفظ تقرش مان ورتل آهي، جنھن جي معنيٰ آهي واپاري (Trader). قريش اصل عرب آهن، قريش خاندان جو بنياد وجهندڙ ’فھر بن مالڪ‘ هو. هي پاڻ سڳورن صلي عليہ وآلھ وسلم جن جي آباؤ اجداد مان هو ۽ فھر جو قريش لقب هو، انهيءَ نسبت سان سندس اولاد قريش سڏرائڻ لڳو. جيڪو واپاري هو. محمد بن قاسم جي سنڌ ۾ اچڻ وقت ۽ پوءِ هن قبيلي جا ماڻهو سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا ۽ انھن جو اولاد پاڻ کي قريشي سڏائڻ لڳو. پاڻ سڳورا صلي عليہ وسلم جن قريشي هئا. قريشي هاشمي بہ انهن مان آهن.
تاريخ ۾ ڄاڻايل آهي تہ هاشمي، سيد، صديقي، عثماني، فاروقي، علوي، عباسي، جعفري ۽ عڪيلي (عقيلي) وغيرہ قريشي آهن. قريشي خاندان جون خاص شاخون آهن: (1) بني غالب، (2) بني لوئي، (3) بني ڪعب، (4) بني مره (بني تميم)، (5) ڪلاب، (6) بني ڪوسي، (7) بني اميه، (8) بني هاشم، (9) بني عباس، (10) دولال ۽ (11) مفتيان. انهن مٿين شاخن مان ڪيترائي خاندان سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويا.


لفظ قريشيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو