قربان چنا

قربان چنا

قربان چنا

قربان چنا: قربان علي ولد خان محمد چنا، پھرين فيبروري 1977ع تي، درٻيلي، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشھري فيروز ۾ پيدا ٿيو. شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان 2004ع ۾ ايم. اي معاشيات جي ڊگري حاصل ڪيائين. سندس ڪھاڻيون، شاعري ۽ ترجما 1997ع کان، رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. 12 کن عالمي ادب جي ترجمن سميت سندس لکيل ڪتابن ۾: ’پروفيسر موري ۽ مان‘ (2019ع)، ’اجنبي‘ (2019ع)، ’ديوانگي‘ (2020ع)، ’قيدياڻيءَ جي ڪٿا‘ (2020ع)، ’عالم برزخ‘ (2021ع)، ’ڪلاڪار جو قتل‘ (2022ع)، ’ميري اڌوري پريم ڪھاني‘ (2022ع)، ’خاموشي‘ (2023ع)، ’مراد لشڪر ڪا سپھه سالار’ (2023ع)، ’آگسٽ ڪي آني تڪ‘ (2024ع)، ’اونداهيءَ کان اڳتي‘ (2024ع) ۽ ’جهوٽا بالڪ‘ (2024ع) شامل آهن.


لفظ قربان چناھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1977.02.01  عيسوي

قربان علي ولد خان محمد چنا، پھرين فيبروري 1977ع تي، درٻيلي، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشھري فيروز ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خواجہ محمد زمان لنواريءَ وارو
انور قنبراڻي
پلي راڄ محمد
سوامي بسنت رام
محمد عارف شڪارپوري
شبنم گل
الطاف عاصي ڊاڪٽر
غلام نبي ناشاد
لعل چند مجروح
’خاڪي‘ سيد احمد شاھہ
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون