
قربان چنا
قربان چنا: قربان علي ولد خان محمد چنا، پھرين فيبروري 1977ع تي، درٻيلي، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشھري فيروز ۾ پيدا ٿيو. شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان 2004ع ۾ ايم. اي معاشيات جي ڊگري حاصل ڪيائين. سندس ڪھاڻيون، شاعري ۽ ترجما 1997ع کان، رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. 12 کن عالمي ادب جي ترجمن سميت سندس لکيل ڪتابن ۾: ’پروفيسر موري ۽ مان‘ (2019ع)، ’اجنبي‘ (2019ع)، ’ديوانگي‘ (2020ع)، ’قيدياڻيءَ جي ڪٿا‘ (2020ع)، ’عالم برزخ‘ (2021ع)، ’ڪلاڪار جو قتل‘ (2022ع)، ’ميري اڌوري پريم ڪھاني‘ (2022ع)، ’خاموشي‘ (2023ع)، ’مراد لشڪر ڪا سپھه سالار’ (2023ع)، ’آگسٽ ڪي آني تڪ‘ (2024ع)، ’اونداهيءَ کان اڳتي‘ (2024ع) ۽ ’جهوٽا بالڪ‘ (2024ع) شامل آهن.
1977.02.01 عيسوي
قربان علي ولد خان محمد چنا، پھرين فيبروري 1977ع تي، درٻيلي، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشھري فيروز ۾ پيدا ٿيو.