قربان منگي

قربان منگي

قربان منگي

قربان منگي: قربان ولد حسين بخش منگي، پھرين اپريل 1961ع تي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ايم. اي اڪنامڪس آهي. هن 1996ع ۾ سنڌ چلڊرينس اڪيڊمي نالي هڪ اسڪول قائم ڪيو. جنھن جو پاڻ ڊائريڪٽر آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’۽ هوءَ هلي وئي (ڪھاڻيون: 1980ع)، (2) ’راهن جو رولاڪ‘ (ڪھاڻيون ۽ شاعري: 1987ع)، (3) ’مسافر‘ (سفرنامو: 1990ع)، (4) ’هڪ گهڙي پيار جي‘ (سفرنامو: 2004ع)، (5) ’آمريڪا ۾ ايڪٽيھہ ڏينھن‘ (سفرنامو: 2009ع) (سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران انعام يافتہ)، (6) ’سچل يادگار ڪاميٽي، تاريخ جي پسمنظر ۾‘ (2010ع)، (7) ’هوائيءَ جي هوائن مان‘ (سفرنامو: 2020ع)، (8) ’چائنا ۾ چوويھه ڏينھن‘ (سفرنامو: 2020ع) شامل آهن. قربان، پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور جو باني آهي. هن اداري ڪيترائي ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا آهن. ان کانسواءِ پاڻ ڪيترن ئي علمي ادبي ادارن سان لاڳاپيل آهي. کيس علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي خدمتن جي مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن.


لفظ قربان منگيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.04.01  عيسوي

قربان ولد حسين بخش منگي، پھرين اپريل 1961ع تي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابوالقاسم سلطان ٺٽوي
علياڻي بھادر خان
احمد شيخ
حسني قادري حاجي شاھہ جيلاني
اسلم آزاد
بلوچ عنايت
ڊبليو ايڇ هيولاڪ
ابو دائود امام
شيخ رشيد
سليم الزمان صديقي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون