قرآن مجيد

قرآن مجيد

قرآن مجيد

قرآن مجيد: قرآن شريف يا قرآن مجيد، جنھن کي عربيءَ ۾ ’القرآن الکريم‘ چيو وڃي ٿو، سو اسلام جو بُنيادي ۽ وحي ڪيل ڪتاب آهي. اسلامي عقيدي مطابق قرآن عربي ٻوليءَ ۾ اٽڪل 23 ورهين جي عرصي ۾ حضرت محمد صلي عليہ وآله وسلم جَن تي نازل ٿيو. قرآن جي نازل ٿيڻ جي عمل کي وحي چيو ويندو آهي. ۽ قرآن مشھور فرشتي حضرت جبرائيل عليہ السلام جي ذريعي حضرت محمد صلي عليہ و آله وسلم جن تي نازل ٿيو. مسلمانن جو بنيادي عقيدو آهي تہ قرآن ۾ اڄ تائين ڪابہ تحريف ناهي ٿي سگهي ۽ هِن کي دُنيا جو اڪيلو محفوظ ڪتاب هجڻ جو شرف حاصل آهي. قرآن جو متن تبديل ناهي ٿي سگهيو ۽ پُوري دُنيا ۾ ڪروڙن جي تعداد ۾ ڇپجڻ جي باوجود بہ هڪجهڙو آهي. قرآن پاڪ کي ترتيب نزولي ترتيب تحت نہ پر حضرت محمد مصطفيٰ صلي عليہ وآلھ وسلم جي ڏسيل ترتيب مطابق آهي.
تاريخ: اسلامي روايتن مطابق حضرت محمد صلي عليہ وآله وسلم تي پھريون ڀيرو ’وحي‘ غارِ حرا ۾ اُن وقت نازل ٿِي، جڏهن پاڻ خِلوت ۽ اڪيلائي ۾ عبادت لاءِ اُتي موجود هُئا. پھرئين سوره ’اقرا‘ جون پھريون آيتون لٿيون. ان کان پوءِ ’وحي‘ جو هِي سلسلو 23 سالن تائين جاري رهيو. حديثن ۽ اسلامي تاريخ مطابق مديني واري هجرت کان پوءِ جڏهن حضرت محمد صلي عليہ وآلھ وسلم اُتي هڪ آزاد اسلامي معاشرو قائم ڪيو تہ پاڻ پنھنجن صحابين کي قرآن جي تلاوت ۽ ان جي روزانہ نازل ٿيڻ وارن حڪمن کي ياد ڪرڻ ۽ ٻين کي سيکارڻ جو حڪم فرمايائون. روايتن ۾ هِي بہ آيل آهي تہ بدر واري ويڙھہ (جنگ بدر) کان پوءِ جڏهن مڪي جي ’قريش‘ جا ماڻهو مسلمانن وٽ قيدي بڻجي آيا تہ کين مسلمانن کي لکڻ پڙهڻ سيکارڻ جي بدلي ۾ آزاديءَ جي آڇ ڏني. شروعاتي ڏينھن ۾ قرآن کي پٿرن، هڏين ۽ کجين جي ڦرهن تي لکيو ويو. 632 عيسويءَ ۾ حضرت محمد صلي عليہ وآله وسلم جي وصال تائين قرآن هڪ ڪتاب جي شڪل ۾ موجود نہ هو.
قرآن جا باب ۽ ورهاست: قرآن جي طرفان هدايت لاءِ نازل ڪيل ڪتاب آهي، هِن کي ستن (7) منزلن ۾ ورهايو ويو آهي، انھن منزلن کي ٽيهن (30) سيپارن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ انھن 30 سيپارن ۾ ڪُل 114 سورتون آهن، جن مان ڪي وڏيون ۽ ڪي ننڍيون ۽ ڪي مڪي تہ ڪي مدني آهن. سڀ کان وڏي سورة البقرة آهي ۽ سڀ کان ننڍي سورة ’الڪوثر‘ آهي. قرآن جي 114 سورتن ۾ 6،666 آيتون آهن. قرآن جي هر سورة بسم ﷲ الرحمان الرحيم سان شروع ٿئي ٿِي. فقط سورة التوبه هڪڙي اهڙي سورت آهي، جيڪا بسم ﷲ کان سواءِ تلاوت ڪئي وڃي ٿي. قرآن مجيد جي 114 سورتن مان 86 سورتون مڪي آهن ۽ 28 سورتون مدني آهن.
قرآن ۾ موجود حروف مقطعات: حروفِ مقطعات (عربي: مقطعات، حواميم، فواتح). قرآن مجيد جي اڪثر سورتن جي شروع ۾ اچن ٿا ۽ الڳ الڳ پڙهيا وڃن ٿا، انھن کي آياتِ مقطعات ۽ انھن اکرن کي حروفِ مقطعات چيو ويندو آهي. مثال طور: الم، الر، حم وغيرہ هِي قرآن جي 29 سورتن جي شروع ۾ آيل آهن. هِي ڪُل 14 اکر آهن. ا، ل، م، ص، ر، ڪ، ه، ي، ع، س، ج، ق، ن. مسلمان عالمن جو گڏيل نظريو آهي تہ ان جو حقيقي مطلب کي ئي خبر آهي. قرآن ۾ موجود حروف مقطعات جو تعداد 29 آهي، پر انھن 29 مان جڏهن ساڳيا حروف مقطعات ڇڏي سڀني کي هڪ هڪ ڀيرو ڳڻبو تہ اهي صرف چوڏهن حروف مقطعات ٿيندا، جيڪي هي آهن: ص، ق، ن، حم، طس، يس، طه، الم، الر، طسم، حمعسق، المص، المر، ڪهيعص. اڪثر عالمن مطابق هِي عربي لفظن جا مخفف آهن ۽ ڪُجهہ عالمن مطابق هِي ڪُجهہ رمز ۽ راز (code) آهن. هِي اکر 29 سورتن ۾ پھرين آيت طور آيل آهن.
قرآن مجيد جا ترجما: قرآن جو سڀ کان پھريون ترجمو سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيو هو. جنھن بابت جڳ مشھور سياح بن شھريار'>بزرگ بن شھريار پنھنجي تاليف ’عجائب الھند‘ ۾ لکي ٿو تہ ”دنيا جي ٻين سڀني ٻولين کان اڳ قرآن مجيد جو ترجمو سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيو. جيڪو 270ھہ/883ع ڌاري راجا مھروڪ بن رائق جي گذارش تي منصوره (سنڌ) جي عرب حاڪم عبدالله بن عبدالعزيز جي حڪم تي هڪ عراقي عالم ڪيو هو. اهو عراقي عالم سنڌ ۾ رهيو. هو سنڌي ٻولي چڱي طرح سکي چڪو هو. جڏهن اهو ترجمو راجا مھروڪ آڏو پڙهيو ويو تڏهن هڪدم تخت تان لھي پٽ تي ويھي رهيو ۽ خدا جي عشق ۽ خوف ۾ اکين مان نير وهائڻ لڳو. ننڍي کنڊ ۾ قرآن پاڪ جو فارسي ترجمو سڀ کان پھرين سنڌ جي جيد عالم مخدوم نوح سرور رحه (911ھہ/1505ع-998ھہ/1589ع) ڪيو هو، جنھن کانپوءِ شاھہ ولي محدث دهلوي (1114ھہ/1702ع-1176ھہ/1762ع) فارسي ترجمو ڪيو. ان کانسواءِ قرآن جا ترجما پُوري دنيا جي اهم ٻولين ۾ ٿي چُڪا آهن ۽ اهو اڃا تائين سلسلو جاري آهي. وڏين ٻولين ۾ ترجما هڪ کان وڌيڪ ماڻهن مختلف دورن ۾ ڪيا آهن. قرآن جا يورپي ۽ ڪن ٻين ٻولين ۾ ترجما غير مسلمانن پڻ ڪيا آهن. اهڙيءَ طرح ڪُجهہ ترجما بنا عربي متن جي پڻ شايع ڪيا ويا آهن. قرآن مجيد جي پھرين سوره ’سوره فاتحہ‘ جو سڀ کان پھريون فارسي ترجمو حضرت سلمان فارسي رضہ ڪيو، بعد ۾قرآن جا ترجما دُنيا جي ٻين ڪيترين ئي ٻولين ۾ ٿِي چُڪا آهن. صرف سِنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمن جو تعداد آهي. جڏهن تہ رومن رسم الخط ۾ پڻ ترجما ٿِيا آهن. جن ۾ هيٺيان ترجما بہ آهن: مولانا سيد تاج محمود امروٽي، مولانا عبدالڪريم قريشي ٻير وارو، مولانا عبدالصمد هاليجوي، مولانا محمد مدني، مولانا احمد ملاح، علامہ علي خان ابرو، مولانا قاضي عبدالرزاق، مخدوم نوح سرور، مولانا عبدالسلام سومرو، مولانا عبدالرحيم مگسي، مولانا وحيد الدين خان، مولانا عبدالمومن ميمڻ، مولانا سيد رسول ميمڻ، مولانا عبدالرحيم سڪندري، مولانا عبدلوهاب چاچڙ، ڪرم الاهي، امير بخش چنا، عبدالوحيد جان سرهندي، مولانا ادريس ڏاهري، محمد عثمان ڏيپلائي، ڊاڪٽر عابد لغاري ۽ مخدوم محمد عثمان نورنگ زوار شامل آهن.


لفظ قرآن مجيدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو