قُبو يگان (ماڳ): هي ماڳ ضلعي سانگهڙ ۾ ٽنڊي آدم_ شھدادپور روڊ تي، شھدادپور کان 3 ميل ڏکڻ طرف ولھاڻي ڍوري جي ڪپ تي واقع آهي. هتي قديم دور جو مقبرو ۽ دڙو موجود آهن. عام روايت آھي تہ ھتي ڪيترائي قبا، مسجدون ۽ مقام هئا، جيڪي هاڻي ناهن رهيا. ھن وقت ھڪ قبي جا ڊٺل آثار ۽ دڙو موجود آھي. قُبي جي بناوت جو نمونو ڪلهوڙا دور جو لڳي ٿو، ساڄي پاسي چُن جو پلستر ٿيل آھي. اندر نقش نگاريءَ جا ڪجهه نشان باقي آھن. اڀرندي پاسي کان ڪجهہ حصو ڪري پيو آهي.