قاضي واجد

قاضي واجد

قاضي واجد

قاضي واجد (اداڪار): قاضي عبدالواجد انصاري 26 مئي 1930ع تي هندستان جي علائقي گواليار ۾ ڄائو. ورهاڱي بعد سندس خاندان لڏي اچي ڪراچي شھر ۾ رهيو. هن مئٽرڪ تائين تعليم مسلم هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي، جنھن کان پوءِ کيس اداڪاريءَ جو شوق جاڳيو، جنھن سبب وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نہ سگهيو. هن ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي ڪافي عرصو گذاريو ۽ اتان ٻارن لاءِ پھريون پروگرام’نونھال‘ جي نالي سان ڪيو. ان کان پوءِ پروگرام ’قاضي جي ڪي قاعدي‘ ۾ صداڪاري ڪيائين. هن ڪيترائي اسٽيج ڊراما بہ ڪيا. سندس مشھور ڊرامن ۾: (1) ’خدا ڪي بستي‘، (2) ’ڪرن ڪھاني‘، (3) ’زير زبر پيش‘، (4) ’ان ڪھي‘، (5) ’سلور جوبلي‘، (6) ’رومي راجو‘، (7) ’چنگيز خان‘، (8) ’افشان‘، (9) ’آفس آفس‘ وغيرہ شامل آهن. هن کي ڊرامن ۾ بھترين اداڪاري ڪرڻ تي ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا. هن ڊرامن کان سواءِ فلمن ۾ بہ اداڪاري ڪئي. جن ۾ ’بيداري‘، ’واھہ ري زمانا‘، ’بادل اور بجلي‘ قابل ذڪر آهن. 11 فيبروريءَ 2018ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.05.26  عيسوي

قاضي عبدالواجد انصاري 26 مئي 1930ع تي هندستان جي علائقي گواليار ۾ ڄائو.


2018.02.11  عيسوي

قاضي واجد 11 فيبروري 2018ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صمد شيخ
سيد قادر بخش شاھہ
دلشاد بيگم مرزا
چانڊيو سريمڻ
ڀيمجي جاڙيجو ۽ غلام شاھہ سان جنگ
شادي خان کوسو
پاٽائي مخدوم فضل ﷲ
سورداس
غلام نبي سمو
صديقي سليم الزمان ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون