قاضي نذير پروفيسر

قاضي نذير، پروفيسر: پروفيسر نذير احمد قاضي 9 فيبروري 1940ع تي قاضي محمد قاسم جي گهر ۾ موري شھر ۾ جنم ورتو. سندس تعلق موري جي علمي ادبي خاندان سان آهي. قاضي نذير احمد ابتدائي پرائمري تعليم موري مان ايم. اي مُسلم هسٽري (1963ع)، ايم. اي پوليٽيڪل سائنس (1967ع) ۽ ايم. اي انگريزي (1969ع) سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ درس و تدريس جي شعبي سان سلھاڙيل رهيو، جتان 2000ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. پاڻ سنڌ يونيورسٽي سينيٽ، اڪئڊمڪ ڪائونسل ۽ سيڪريٽري پرنسپل ڪوآرڊينيشن ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو. سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ پاران ڪافي عرصي تائين سماجي اڀياس جا ڪتاب ترجمو ڪندو رهيو. 1960ع واري ڏهاڪي کان هن لکڻ شروع ڪيو، هن ڪيتريون ئي ڪھاڻيون ۽ مضمون لکيا ۽ پرڏيھي ادب جا ترجما پڻ ڪيا. هن 1962ع ۾ ’بزم قاسم‘ ۽ موري شھر ۾ ’ساڃاھہ ڪلچرل فورم‘ جو بنياد رکيو، ان پليٽ فارم تان هن ڪيترائي علمي ادبي پروگرام ڪرايا. موري ۾ ’باک پبليڪيشن‘ قائم ڪري ’باک ميگزين‘ بہ جاري ڪيائين، جنھن جا 6 پرچا نڪتا، راشد مورائي ۽ تاج جويو سندس ٻانھن ٻيلي هئا. ان کانسواءِ ايجوڪيشنل سوسائٽي مورو، مھراڻ ايجوڪيشنل سوسائٽي مورو ۽ مھراڻ ڪلچرل سوسائٽي مورو جو بنياد وڌائين، مھراڻ ايجوڪيشنل سوسائٽي پاران قاضي نذير احمد، سيد علي بخس شاھہ، ناصر مورائي ۽ ٻين گڏجي مھراڻ ڪاليج مورو جو بنياد وڌو، جيڪو اڳتي هلي حڪومت تحويل ۾ ورتو. هن مھراڻ ڪلچرل سوسائٽيءَ پاران ڪيترن ئي اديبن جا ڪتاب ڇپرايا. هن 1962ع ڌاري عبرت اخبار ۾ ن- ق پاهوڙي جي نالي سان مزاحيہ شاعري بہ ڪئي. هن شاعر، ڪھاڻيڪار، اديب ۽ سماج سڌارڪ 17 جنوري 2023ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس شعري مجموعو ’هي سرمستي الستي آ‘ نالي سان ڇپجي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1940.02.09  عيسوي

پروفيسر نذير احمد قاضي 9 فيبروري 1940ع تي قاضي محمد قاسم جي گهر ۾ موري شھر ۾ جنم ورتو.


2023.01.17  عيسوي

پروفيسر نذير احمد 17 جنوري 2023ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ولي محمد تراب صوفي
ھدايت ﷲ پريم آخوند ڊاڪٽر
شمس الدين احمد حڪيم
جيلاني پير عالي شاھہ
سلمان طاهرعلامه
اويس قرني شاھہ مانجهند وارو
عابدہ سلطان شھزادي
رانجهاڻي عبدالستار
محمد حسن جان رحه سرهندي ٽکڙائي
ٻيڙيءَ وارو سنت
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون