قاضي مقصود گل

قاضي مقصود گل

قاضي مقصود گل

قاضي مقصودگل: قاضي مقصودگل جو پورو نالو قاضي مقصود حيات هو. سندس جنم 15 اپريل 1950ع تي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ قاضي عبدالحئي ’قائل‘ جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد پڻ پنھنجي دؤر جو برک شاعر، استاد، صحافي ۽ سماج سڌارڪ هو. قاضي مقصودگل سنڌي ادب ۽ اقتصاديات ۾ ايم. اي جون ڊگريون حاصل ڪيون، جڏهن تہ سانگهڙ ڪاليج مان ڊرائنگ ٽيچر جو امتحان پاس ڪري 1969ع کان 1974ع تائين هاءِ اِسڪول سيتا روڊ، ضلعي دادو ۽ هاءِ اِسڪول بنگل ديري، استاد طور نوڪري ڪئي. 1974ع ۾ سر شاهنواز ڀٽو شگر مل، نئين ديري ۾ اپرينٽس آفيسر، اسسٽنٽ مئنيجر ۽ ڊپٽي مئنيجر اسٽورز طور ملازمت ڪيائين. هن 1995ع ۾ پنھنجي والد جي نالي سان رتيديري ۾ ’عبدالحئي قاضي ماڊل اسڪول‘ قائم ڪيائين، جنھن جو پاڻ باني پرنسپال ٿي رهيو. 1975ع کان هن شاعريءَ جي شروعات ڪئي. رتيديري ۾ ’لطيف ادبي سنگت‘ جو پنھنجي والد سان گڏجي بنياد رکيائين. هن ٻارڙن جو ٽماهي رسالو ’گلدستو‘ پڻ جاري ڪيو، جنھن جو پاڻ ايڊيٽر رهيو. قاضي مقصودگل، مُلڪي توڙي بين الاقوامي حالتن کي نظر ۾ رکندي، سياسي سماجي موضوعن تي بيشمار قطعا پڻ لِکيا، جيڪي سنڌ جي مختلف اَخبارن ۾ ڇپجندا رهيا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’ڪرڻا ڪرڻا‘ (ٻارن لاءِ شاعري)، ’رت ڀنا رابيل‘ (شاعري)، ’هٺيلي هرڻي‘ (ٻارن لاءِ ڪھاڻيون)، ’اَکڙيون نيل ڪنول‘ (شاعري)، ’عشق سمندر‘ (سچل سرمست جي فارسي مثنوين جو منظوم اردو ترجمو)، ’رتوديرو‘ (مختصر تاريخ)، ’اي آهوءِ چشم ڪدهر‘ (شيخ اياز جي ٻن ڪتابن ’هرڻ اَکي ڪيڏانھن‘ ۽ ’پور ڪري'>پتڻ ٿو پور ڪري‘ جو منظوم اُردو ترجمو)، ’زندگيءَ ڏي موٽَ‘ (ڪرشن چندر جي ڪھاڻين جو سنڌيءَ ۾ ترجمو)، ’وکريل موتي‘ (ترتيب)، اَندر رُوحَ رهيام‘ (ترتيب)، ’هيرن هار‘ (ٻارهين ڪلاس جي سنڌي نصاب جي شرح) ۽ ’اُردو سليس‘ (يارهين درجي جي اُردو نصاب جي شرح) شامل آهن. قاضي مقصودگل کي ڪيترائي اوارڊ پڻ مِليا، جن ۾: سچل اوارڊ، سچل چيئر اوارڊ، پي. ٽي. وي اوارڊ، حامي لائيف ٽائيم اَچيومينٽ اوارڊ، ڊاڪٽر تنوير عباسي اوارڊ ۽ ٻيا شامل آهن. هن 14 فيبروري 2015ع تي رتيديري ۾ وفات ڪئي. وفات کان پوءِ سندس شخصيت، يادن، مضمونن ۽ تعزيتي تاثرات تي آڌاريل ڪتاب ’گُل ڇِنو گرنار جو‘ جي نالي سان ڇپيو، جيڪو سندس فرزند ياسر قاضيءَ ترتيب ڏِنو آهي.


لفظ قاضي مقصود گلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.04.15  عيسوي

قاضي مقصودگل جو پورو نالو قاضي مقصود حيات هو. سندس جنم 15 اپريل 1950ع تي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ قاضي عبدالحئي ’قائل‘ جي گهر ۾ ٿيو.


2015.02.14  عيسوي

قاضي مقصود گل 14 فيبروري 2015ع تي رتيديري ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

محمد عمر مڱريو پروفيسر
ڀڳت ٽهليارام
شريف سولنگي
احسن ڪربلائي
انيل دلپت
حنيف جلال
زيب النساء
شھباز بلوچ
امداد عباس صوفي
پير علي محمد شاھہ راشدي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون