قاضي فيض محمد

قاضي فيض محمد

قاضي فيض محمد

قاضي فيض محمد: قاضي فيض محمد 23 نومبر 1908ع تي هالاڻي، ضلعي نوشھري فيروز ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو قاضي نبي بخش صديقي هو. ابتدائي تعليم هالاڻين ۾ ورتائين ۽ 1922ع ڌاري خيرپورميرس هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو. هو جڏهن خيرپور هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ ويٺو، تڏهن علامہ آءِ. آءِ. قاضي خيرپور رياست ۾ سيشن جج هو، جنھن جي صحبت مان گهڻو ڪجهہ پرايائين. 1929ع ۾ نوشھروفيروز مدرسه، هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪيائين ۽ پوءِ ڊي جي ڪاليج ۾ بہ پڙهيو. 1935ع ۾ بي. ايس. سي ۽ 1940ع ۾ ايل. ايل بي بمبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪري وڪالت شروع ڪيائين. قاضي فيض محمد پنھنجي سياسي زندگيءَ جو آغاز 1919ع ۾ خلافت تحريڪ ۽ ڪانگريس جي هلچل ۾ حصي وٺڻ سان ڪيو. 1927ع ۾ جڏهن سائمن ڪميشن جا ميمبر ٽرين ذريعي پڊ عيدن اسٽيشن کان لنگهيا ٿي تہ هن ٻين شاگردن سان گڏ اسٽيشن تي احتجاج ڪري ’سائمن گو بئڪ‘ جا نعرا هنيا هئا. 1933ع ۾ ڊي جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهڻ دوران خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو ۽ 1942ع ۾ جڏهن بنگال ۾ ڏڪار پيو تہ هُو خاڪسار تحريڪ طرفان رضاڪاراڻي طور ٻن مھينن جي لاءِ بنگال ويو. 1941ع ڌاري هاري ڪميٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪيائين. 1951ع ۾ کيس سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. ان عھدي تي ٻہ سال رهيو. 1952ع ڌاري ميان افتخارالدين، جڏهن سڀني قومپرست ڪارڪنن کي ’آزاد پاڪستان پارٽيءَ‘ ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ هي بہ ان ۾ شامل ٿيو. 1953ع ڌاري سنڌ متحدا محاذ ٺھيو تہ قاضي فيض محمد ان ۾ شامل ٿيو ۽ ان جو جنرل سيڪريٽري بہ رهيو. 1955ع ڌاري جڏهن اينٽي ون يونٽ فرنٽ ٺھيو تہ ان ۾ بہ سرگرم رهيو. 1956ع ۾ عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ سنڌ ۾ جنرل سيڪريٽري ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. ان وقت حسين شھيد سھروردي پاڪستان جو وزيراعظم هو، جنھن ون يونٽ جي حق ۾ بيان ڏنا ۽ انهن ڳالهين تي اختلاف رکندي، ڪيترن ئي ساٿين سميت عوامي ليگ تان استعيفيٰ ڏيئي پاڪستان نيشنل پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. ڪجهہ وقت کان پوءِ نيشنل عوامي پارٽي ٺھي تہ ان جو سنڌ لاءِ جنرل سيڪريٽري ٿيو. ساڳئي وقت هارين جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندو رهيو، جڏهن پاڪستان سرڪار هارين کي الاٽ ٿيل زمين کانئن کسي، نون آيلن کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو تہ هن، ان غلط فيصلي جي خلاف 1952ع ۾ محرابپور کان الاٽي تحريڪ هلائي ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال شروع ڪئي. ان کانسواءِ اڌو اڌ بٽئي تحريڪ، سنڌ ٽينسي ايڪٽ پاس ڪرائڻ ۾ بہ سندس ڪردار رهيو. اُن دؤر ۾ سنڌ ايگريڪلچر ڪميشن ٺھي، تہ ان جو بہ هي ميمبر رهيو.
1946ع ۾ مولانا حسرت موهانيءَ کان متاثر ٿي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. سنڌيءَ ۾ ووٽر لسٽون ڇپائڻ واري هلچل ۾ بہ قاضي فيض محمد مرڻ گهڙيءَ تائين هڙتال ڪئي هئي. ستر واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ٻوليءَ جي مسئلي کان پوءِ لساني فساد ٿيا، تڏهن اُن وقت حڪومت پاران ڪوٺايل گول ميز ڪانفرنس ۾ بہ قاضي فيض محمد جي شرڪت ۽ سندس ڪيل تقرير بہ خاص حيثيت رکي ٿي.
قاضي فيض محمد سٺ جي ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ شيخ مجيب الرحمان جي دعوت تي سندس ڇھن نڪتن کان متاثر ٿي، عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ کيس عوامي ليگ جو سينئر نائب صدر چونڊيو ويو. 1970ع وارين چونڊن ۾ نوابشاھہ مان عوامي ليگ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبليءَ لاءِ اميدوار بيٺو، پر ڪامياب ٿي نہ سگهيو. 1971ع ۾ بنگلاديش جي ٺھڻ کانپوءِ سندس ڪنھن بہ پارٽيءَ سان واسطو نہ رهيو. اُن کان پوءِ پاڻ ڪجهہ وقت ملڪي حالتن سبب بنگلاديش ۽ پوءِ انگلينڊ ۾ جلاوطن ٿي رهيو، جتان موٽڻ کانپوءِ ستر واري ڏهاڪي ۾ حڪومت پاران کيس ڪجهہ عرصو نظربند بہ ڪيو ويو. ان کان اڳ بہ مختلف وقتن تي مٿس ڪيس بہ داخل ٿيندا رهيا ۽ پاڻ قيد بہ ٿيندو رهيو. سندس پويون وقت نوابشاھہ ۾ وڪالت ڪندي گذريو. قاضي فيض محمد، 1931ع ۾ ادب جي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ سياسي مصروفيتن هوندي بہ ڪيترائي ڪتاب لکيائين، سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’جنسار‘ (ناول: 1956ع)، ’ٻاويھه سؤ ٻاويھه‘ (ناول: 1979ع)، ’اڻڄاڻ‘ (ناول: 1993ع)، ’علامہ آءِ. آءِ قاضي (شخصيت ۽ فن 1981ع)، ’منھنجو سفر‘ (آتم ڪھاڻي: 1975ع)، ’هاري ڪميٽي ۽ الاٽي تحريڪ‘ (1984ع)، ’دردن جو داستان‘ (شاعري) شامل آهن، ان کان سواءِ سندس انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب Nature I have Seen (1) ۽Search of Truth In (2) ڇپيل آهن. سياسي ۽ سماجي سرگرمين سان گڏ هو لڳاتار مضمون، مقالا، ڪھاڻيون وغيرہ بہ لکندو رهيو. قاضي فيض محمد کي 5 پٽ ۽ 5 ڌيئرن جو اولاد آهي. هن 74 ورهين جي ڄمار ۾ 13 آڪٽوبر 1982ع تي وفات ڪئي.


لفظ قاضي فيض محمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1908.11.23  عيسوي

قاضي فيض محمد 23 نومبر 1908ع تي هالاڻي، ضلعي نوشھري فيروز ۾ ڄائو.


1982.10.13  عيسوي

قاضي فيض محمد 74 ورهين جي ڄمار ۾ 13 آڪٽوبر 1982ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڦوٽو رستماڻي
پير محمد لکوي
جھان آرا بيگم
شيخ محمد ابراهيم
فياض ڏاهري
خانبهادر علي مراد خان ڌاريجو اول
بچل شاھہ جيلاني
راجا بل عرف ابن سومرو
ڄام فتح خان
تيمور لنگ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون