
ڊاڪٽر قاسم راڄپر
قاسم راڄپر، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر محمد قاسم راڄپر 10 مارچ 1972ع تي، ضلعي نوشھري فيروز جي ڳوٺ حاجي محمد يعقوب راڄپر ۾ مير محمد راڄپر جي گهر ۾ جنم ورتو. پوسٽ گريجوئيشن، شاھہ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ۽ ايم. اي (سنڌي ادب) ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان 2002ع ۾ ڪرڻ کان پوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان 2014ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. سندس پي. ايڇ ڊي مقالي جو موضوع ’سنڌي ٽيليويزن ڊرامي جو تاريخي، ثقافتي ۽ سماجي اڀياس‘ آهي. هن 1989ع کان سنڌو مئگزين ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيا. 1997ع ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي پروگرام ڪرڻ شروع ڪيائين ۽ 2000ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن تي ڪم ڪرڻ لڳو، عبرت مخزن، روزاني برسات، روزاني عوامي آواز سان بہ لاڳاپيل رهيو. ڊاڪٽر قاسم 2005ع ۾ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ليڪچرر مقرر ٿيو. سال 2014ع ۾ عائشہ باواني ڪامرس ڪاليج ۾ انچارج پرنسپل رهيو. سنڌي ناٽڪ جي موضوع تي تحقيقي جرنل ڪلاچي ۽ ڪارونجهر ۾، سندس مقالا ڇپجي چڪا آهن. ڊاڪٽر قاسم آمريڪي پرڏيھي کاتي جي دعوت تي انٽرنيشنل وزيٽرس ليڊرشپ پروگرام هيٺ 2013ع ۾ فيلوشپ ڪئي.
1972.03.10 عيسوي
ڊاڪٽر محمد قاسم راڄپر 10 مارچ 1972ع تي، ضلعي نوشھري فيروز جي ڳوٺ حاجي محمد يعقوب راڄپر ۾ مير محمد راڄپر جي گهر ۾ جنم ورتو.