قاسميه لائبريري ڪنڊيارو: هيءَ لائبريري مولانا محمد قاسم سومري پاران 1965ع ۾ قائم ڪئي وئي. لائبريريءَ جي شروعات چنھياڻي ڳوٺ ۾ ڪئي وئي، ڪجهہ سالن بعد ڪنڊياري شھر جي سومرا محلي ۾ منتقل ڪئي وئي. ضلعي نوشھري فيروز ۾ قائم هِيءَ لائبريري سنڌ جي وڏين لائبريرين ۾ شمار ٿئي ٿي. هن لائبريريءَ ۾ اسلام، تاريخ، ٻولي، ادب، ثقافت، شاعري، ناول ۽ ڪھاڻين سميت هر موضوع تي هزارين ڪتاب موجود آهن. قاسميه لائبريريءَ کي 2020ع جي ٻوڏ ۾ گهڻو نقصان پھتو، جنھن ڪري لائبريري نئين سر تعمير ڪئي وئي.