قاز

قاز

قاز

قاز (Bar-headed Goose Anser Indicus) (پکي): 75 سينٽي ميٽر جسامت وارو هيءُ وڏو پکي سياري ۾ گهڻو ڏسبو آهي. اڪثر وڏن وارن جي خبرداريءَ سان ڍنڍن ۽ نديءَ تي لھندو آهي. هنن جو ڍنڍن تي لھڻ جو منظر ڏاڍو دلڪش هوندو آهي. هي ولر شڪل ۾ خاص ترتيب ۾ اڏامندا آهن. اڏام دوران انھن جي مترنم ٽرانڪ پئي ٻڌبي آهي. هن پکيءَ جي اُڏام مٿاهين هوندي آهي. قاز جي سسي اڇي پر ڳچي ۽ مٿي تي پٽا ٿيندا اٿس. ٻہ پٽا اکين کان مٿي جي پوئين حصي تي ڪياڙيءَ کان ڪُلهي تائين ڪنڌ تي ۽ ڳچيءَ کان ڇاتيءَ تي پرن جون چوٽڙيون هونديون اٿس ۽ پُڇ جو ڪجهہ حصو گهري رنگ جو هوندو اٿس. پاڻيءَ وارن هنڌن تي گهڻو رهندو آهي. سنڌ ۾ اڪثر ماڻهو قاز پاليندا بہ آهن.


لفظ قازھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو