
قادر بخش مٺو
قادر بخش مٺو (فنڪار): قادر بخش مٺو، 22 فيبروري 1956ع تي ڪوٽڙيءَ ۾ حسن محمد بلوچ جي گهر ۾ ڄائو. شروعاتي دور ۾ هو، هوٽل تي بيراگيري ڪندو هو. انھن ڏينھن ۾ سندس چاچي عبدالڪريم بلوچ هڪ شو ۾ کيس متعارف ڪرايو، جتي کيس داد ۽ اُتساھہ مليو، جنھن سبب حوصلا افزائي ٿي. هي ننڍپڻ کان ئي فلمن جي مختلف ڪردارن جو نقل ڪرڻ ۽ انھن جا آواز ڪڍڻ ۾ ماهر هوندو هو. هن دادوءَ جي ناليواري ڪاميڊين استاد محمد فقير جي شاگردي حاصل ڪري، سکيا وٺي مزاحيہ فنڪار طور مشھور ٿيو. اڳتي هلي سڄي سنڌ ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪرڻ لڳو. سندس فن کان متاثر ٿي ضلعي دادوءَ جي ڊپٽي ڪمشنر کيس ايريگيشن کاتي ۾ نوڪري ڏني. قادر بخش مختلف ٻوليون ڳالهائڻ سان گڏ جانورن ۽ پکين جي ٻولي ۾ بھتر آواز ڪڍي سگهي ٿو. هن مشھورگائڪ راحيل رحمان سان گڏ ڪيترن ئي پروگرامن ۾ حصو ورتو. هن پي. ٽي ويءَ تي چھچٽو، ڪچھري، روشن تارا ۽ سنڌي ڊرامي بدنصيب ۾ پوليس ڪانسٽيبل جو ڪردار ادا ڪيو. قادر بخش مٺو سنڌ کان سواءِ روس ۽ جرمنيءَ سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنھنجي فن جو مظاهر ڪري چڪو آهي. کيس ڪيترائي مڃتا اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن. هي مزاحيہ اداڪار هن وقت ڪوٽڙيءَ ۾ رهائش پذير آهي.
1956.02.22 عيسوي
قادر بخش مٺو، 22 فيبروري 1956ع تي ڪوٽڙيءَ ۾ حسن محمد بلوچ جي گهر ۾ ڄائو.