قادر بخش جا قُبا (ماڳ): هن مشھور قبرستان کي سھراباڻي ٽالپرن جو قبرستان بہ سڏيندا آهن. جيڪو اڪبرپور جاگير، تعلقي روهڙي، ضلعي سکر ۾ روهڙيءَ کان 22 ڪلو ميٽر ڏکڻ ۾ آهي. قبرستان 39 ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. هتي هڪ قُبو قادربخش جو آهي، جڏهن تہ ٻيا خيرپور جي ٽالپر اميرن، شھزادن ۽ وزيرن جا آهن. جيڪي گڏيل طور قادر بخش جا قبا سڏبا آهن. قبرستان واري زمين مير سھراب خان ٽالپر (1830-1783ع)، قادر بخش پنھور کان خريد ڪري، قبرستان جي لاءِ وقف ڪئي هئي ۽ قادر بخش کي سنڀاليندڙ مقرر ڪيو هو. قادر بخش جي وفات کان پوءِ مير سھراب خان مٿس قبو تعمير ڪرايو، جنھن کان پوءِ هي قبرستان ’قادر بخش جا قُبا‘ جي نالي سان مشھور ٿيو. هن قبرستان جي قبرن تي گلڪاريءَ جي شاندار اُڪر ٿيل آهي. ڪي قبرون وڏيون ۽ ٻہ ٻہ پٿر جا سليب رکيل آهن. هتي ميرن جي ديرن (زالن) ۽ ٻارن جون ڪيتريون ئي قبرون آهن، جن کي سنگ مرمر جي جهنگلن جو ڪٽھڙو ڏنل آهي. مٿن ڇانوَ لاءِ ڇپر بہ ٺھيل آهن. سنگ مرمر جي قبرن ۾ مير سھراب خان جي قبر، جنھن تي اُڪر ۽ چٽ ساليءَ جو نفيس ڪم ٿيل آهي. هڪ ئي ڇپري جي هيٺان سندس پنجن پٽن مير رستم خان، مير غلام حيدر خان، مير مبارڪ خان، مير چاڪر خان ۽ مير علي مراد خان جون قبرون آهن. مير رستم خان پُوني ۾ گذاري ويو هو. اتان سمنڊ رستي لاش آڻي هتي دفن ڪيو ويو. مير سھراب خان جي مقبري جي ويجهو ئي مير دوست محمد جي قبر آهي، جيڪو مير خان محمد ٽالپر جو ٻيو نمبر پٽ هو. ساڳئي احاطي ۾ مير شاهنواز، مير خان محمد، مير جان محمد ۽ مير فيض محمد جون قبرون آهن. مير سھراب خان جي مقبري جي ڏکڻ ۾ ٻہ مقبرا ٺھيل آهن، جن ۾ ميرن جا حرم (زالون) دفن ٿيل آهن. اهي مقبرا هن وقت زبون حال آهن. ميرن جي مقبرن کان سواءِ هن قبرستان ۾ ٻيون بہ ڪي اهم شخصيتون دفن ٿيل آهن. جن ۾ گولو شاھہ سنڌ جو تاريخي ڪردار آهي جيڪو کرڙيءَ جي جنگ ۾ شاھہ شجاع سان وڙهندي شھيد ٿيو هو. قادر بخش جي قبي جي اولھه ۾ سيد صالح شاھہ جي مزار آهي ۽ ان سان گڏ هڪ مسجد پڻ آهي، جيڪا قادر بخش ٺھرائي هئي. قبرستان جي اوڀر ۾ ٽالپرن جي ٺھرايل هڪ مسجد بہ موجود آهي، هتي هڪ مسافرخانو بہ ٺھيل آهي. هن وقت سڀ مقبرا، مسجدون ۽ قبرون زبون حاليءَ جو شڪار آهن.