
سهتو، قائم الدين
قائم الدين سھتو : ناميارو سگهڙ قائم الدين ولد عبدالرشيد سھتو 1960ع ڌاري ڳوٺ سھتا ۾ ڄائو. کيس پندرنهن سورهن سالن جي ڄمار ۾ سگهڙائپ جو شوق ٿيو. انهيءَ سلسلي ۾ مشھور سگهڙ محمد ملوڪ عباسيءَ جو شاگرد بڻيو. قائم الدين سھتو ڌنڌي جي لحاظ کان هاري هو، هن لوڪ ادب جي مڙني صنفن جھڙوڪ: حمد، نعت، سينگار، ڏور، بيت، هنر، ڳجهارت، پرولي، وغيرہ تي چڱي خاصي طبع آزمائي ڪئي. ان کانسواءِ عمر مارئي، سھڻي ميهار، مومل راڻي، سورٺ راءِ ڏياچ جي داستانن تي پڻ بيت چيا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي ڪتاب ’سنڌي سينگار شاعري‘ ۾ قائم الدين سهتي جا ٽي سينگار جا بيت ڏنا آهن. ان کان سواءِ سگهڙن جي پارکوءَ، عبدالله خان ورياھہ ’سگهڙن جي ڊائريڪٽريءَ‘ ۾ سندس تصوير ۽ ڪجهه بيت ڏنا آهن. قائم الدين سھتو پاڪستان ٽيليويزن تي 1982ع کان لوڪ ادب تي مشتمل مختلف پروگرامن: ڪچهري، اوطاق، رس رهاڻ ۽ سنڌ سڀيتا ۾ ڪيئي ڀيرا پنهنجو فن پيش ڪندو رهيو ۽ 1986ع کان ريڊيو پاڪستان خيرپور تان پروگرام ’سھڻي ڌرتيءَ‘ ۾ پڻ ڪيئي ڀيرا شرڪت ڪيائين سندس لوڪ شاعريءَ جو ڪتاب ’قائم جو ڪلام‘، ’سنڌ سگهڙ ويلفيئر ائسوسيئيشن شڪارپور‘ شايع ڪري چڪي آهي. قائم الدين سهتي کي سندس فن جي مڃتا طور اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ بہ مليا. هن مئي 2009ع ۾ وفات ڪئي.